سهائي ٽالپر چيني عوام جي دلين ۾ به گهر ڪري ورتو

0
165

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني قونصل خاني تي حملي خلاف آپريشن ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ عورت آفيسر سهائي عزيز ٽالپر چينين جون به دليون کٽي ورتيون آهن

ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جو اطلاع ملندي ئي سڀ کان اڳ پهچندڙ اي ايس پي آفيسر سهائي عزيز ٽالپر پاڪستان جي “هيرو” جو درجو ماڻي چڪي آهي، هوءَ پاڪستاني سوشل ميڊيا تي ته ٽرينڊ ڪري ئي پئي پر چيني سوشل ميڊيا تي به سندس جرئت کي ساراهيو پيو وڃي

 چيني سوشل ميڊيا تي عوام سهائي عزيز ٽالپر جي بهادريءَ جي تعريف ڪري رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ چين ۾ سندس خوبصورتيءَ جا به چرچا آهن، ڪنهن سهائي کي خوبصورت هيرو ته ڪنهن مشهور چيني اداڪارا سان ڀيٽيو

 چينين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد پاڪ – چين دوستي گهٽائي نٿا سگهن

چيني عوام قونصليٽ تي حملو ناڪام بڻائڻ ۽ چيني عملي سميت ٻين جون قيمتي جانيون بچائڻ تي سهائي عزيز ٽالپر جا ٿورا پڻ مڃيا

LEAVE A REPLY