سنڌ ۾ سي اين جي جو بحران ڇهين ڏينهن ۾ داخل

0
87

ڪراچي: ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڇهين ڏينهن به گئس جي فراهمي بند آهي جنهن سبب سي اين جي اسٽيشن بند ۽ گهريلو صارفين کي ملندڙ گئس جو پريشر گهٽ آهي.

 ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گئس پريشر گهٽ هئڻ سبب گهريلو صارفين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٽرانسپورٽرن جي اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال سبب سي اين جي بسون به روڊن تي نه هئڻ برابر آهن.

اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ آفيس ويندڙ ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ جي گهٽتائي سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف سي اين جي جي بندش سبب سي اين جي اسٽيشنون به بند آهن.

 سوئي سدرن اختيارين جو  چوڻ آهي ته اڄ به سي اين جي ۽ گئس سپلاءِ معمول تي اچڻ جو ڪو امڪان ناهي.

LEAVE A REPLY