ڪراچي پوليس پاران گهر ويٺي شروعاتي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ايپ متعارف

0
599
Karachi Police App

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پوليس ڪنهن به واردات جي شروعاتي رپورٽ گهر ويٺي داخل ڪرائڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

 ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ موجب ڪنهن به واردات جي ترت رپورٽ داخل ڪرائڻ ۽  مدد حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ترين موبائيل فون ايپليڪيشن تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان شهري گهر ويٺي موبائيل فون، ڪنهن به ڌاڙي، يا ڪنهن به قسم جي واردات جي ڪجهه سيڪنڊن ۾ شروعاتي رپورٽ داخل ڪرائي سگهندا.

  امير شيخ چيو ته اها موبائيل ايپ ڪراچي جي شهرين لاءِ نئين سال جو تحفو آهي جنهن ۾ خاص طور تي مختلف ملڪن جي سفارتخانن جي سيڪيورٽي ۽ فوري موٽ جو به آپشن رکيو ويو آهي، ايپ جي مدد سان ڪراچي ۾ سموري دنيا جي سفارت خانا به  ڪجهه منٽن ۾ پوليس کان مدد حاصل ڪري سگهندا.

  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ آهي ان ايپ کي گوگل سان به ڳنڍيو ويو آهي، ايپ تي پوليس جي هڪ پائي به خرچ ناهي ٿي پر سکر سان واسطو رکندڙ آءِ ٽي انجينئر سيد مدثر حسين ۽ سندس ڪمپني 2 مهينن جي محنت سان اها ايپليڪيشن ڪراچي پوليس لاءِ تيار ڪئي آهي.

ايپ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي امير شيخ چيو ته ايپ ۾ رجسٽريشن ڪرڻ وقت شهري جو موبائيل نمبر، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ پتو محفوظ هوندو، ايپ ۾ داخل ٿيندي ئي لاڳاپيل ٿاڻي سي پي ايل سي،  ٻين ادارن ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي آفيس کي ملي ويندي.

LEAVE A REPLY