عورتن جو دماغ هم عمر مردن کان 3 سال جوان هوندو آهي: تحقيق

0
86
Health

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق مطابق عورتن جو دماغ پنهنجي هم عمر مردن کان ٽي سال وڌيڪ جوان هوندو آهي.

 آمريڪي جرنل نيشنل اڪيڊمي آف سائنس موجب هڪ تڪراري مقالعي ۾ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عورتن جو دماغ پنهنجي هم عمر مردن جي مقابلي ۾ 3 سال وڌيڪ جوان هوندو آهي اهو ئي سبب آهي ته عورتون ڪراڙپ ۾ به ذهني مرضن کان تقريبن محفوظ رهنديون آهن.

واشنگٽن يونيورسٽي جي سائنسدانن ماڻهن جي ذهن جي تحولي عمر (metabolic age) ڄاڻڻ لاءِ جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي، جنهن لاءِ هڪ خاص طريقي “ ايروبڪ گلائي ڪو لائسس” جو استعمال ڪيو ويو.

ان طريقي ۾ ننڍپن کان وٺي ڪراڙپ تائين دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين جي جاچ لاءِ گلوڪوز جي شرح ريڪارڊ ڪئي ويندي آهي.

ڪراڙي ماڻهو جي دماغ مان گلوڪوز انتهائي گھٽ مقدار  پمپ ٿيندو آهي جنهن سبب دماغ جا خلين ۽ رڳن کي مقرر ڪيل توانائي ناهي ملندي پر ان عمر جي عورتن ۾ به ڏٺو ويو ته مردن جي مقابلي ۾ هنن جي دماغ ۾ گلوڪوز جو مقدار موجود وڌيڪ هو.

سائنسدانن ان تحقيق لاءِ هڪ ئي عمر جون 121 عورتون ۽ 84 مردن جي چونڊ ڪئي وئي.

 انهن سڀني ماڻهن جي دماغ جو پي اي ٽي اسڪين ڪرايو ويو، ٽيسٽ ۾ دماغ ۾ آڪسيجن ۽ گلوڪوز جو دورو ماپيو ويو.

 ٽيسٽ جا نتيجا حيران ڪندر ثابت ٿيا عورتن جو دماغ پنهنجي عمر جي لحاظ کان 3 سال 8 مهينا جوان جڏهن ته مردن جو دماغ 2 سال 4 مهينا وڌيڪ ڪراڙو هو.

LEAVE A REPLY