حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر جو قرض ورتو

0
469
Dollars Loan

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر جو قرض ورتو.

تفصيل مطابق اقتصادي معاملن جي جي ڊويزن جي رپورٽ موجب گذريل سال ساڳي مدي دوران 5 ارب 90 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو ويو هو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جولاءِ کان ڊسمبر دوران 2 ڏهائي 3 ارب ڊالر جو قرض ورتو جنهن ۾ چين کان 83 ڪروڙ 60 لک ڊالر جو قرض ورتو ويو.

رپورٽ مطابق ڪمرشل بئنڪن کان 6 مهينن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 33 ڪروڙ 90 لک ڊالر جڏهن ته اسلامي ترقياتي بئنڪ کان 27 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض ورتو.

LEAVE A REPLY