پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو: ناڻي وارو وزير اسد عمر

0
80
Asad Umar

پشاور:ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو اچي چڪا آهيون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو.

پشاور ۾ سرحد چيمبر آف ڪامرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي انگ اکرن ۾ گهٽتائي آئي آهي، آءِ ايم ايف پنهنجي پوزيشن تبديل ڪئي آهي، ان سان سٺو معاهدو ٿيندو.

 لڳي ٿو ته اسان معاهدي جي تمام گهڻو ويجهو آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن معاهدي کي آخري بڻايون.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي معشيت لاءِ کنيل قدم تي اتفاق راءِ ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون ڪرڻ گهرجن.

اسد عمر چيو ته وزيراعظم دبئي ۾ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو، آءِ ايم ايف سان معاهدن کان آگاهه ڪيو ويندو.

سندسن چوڻ هو ته طورخم سرحد 24 ڪلاڪ کليل هئڻ گهرجي، ڪرڪ، لڪي مروت ۽ ڪوهاٽ ۾ گيس دريافت ٿي آهي، هر چيمبر ۾ ملاقات نه ڪرڻ جي شڪايت ملندي آهي.

LEAVE A REPLY