وزير اعظم ڪوڙ ڳالهائڻ تي عوام کان معافي گهري: مريم اورنگزيب

0
36

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ 2015 ۾ آءِ ايم ايف پروگرام بند ڪري ڇڏيوهو، پهريون وزير اعظم آهي جيڪو پاڻ آءِ ايم ايف وٽ ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان صاحب اسان نٿا چاهيون توهان آپگهات ڪيو، ڇوته آپگهات ڪرڻ حرام آهي، ڪوڙ ۽ يوٽرن تي معافي گهرو.

هن چيو ته چورن جيان آءِ ايم ايف سان شرطون رکڻ بدران پارليامينٽ کي آگاهه ڇو نه ڪيو ويو.

مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي جو وزن عوام تي رکڻ چاهي ٿي، وزير اعظم کي پاڻ به پنهنجي ٽيم تي اعتماد ناهي ته پوءِ عوام کي ڪيئن هوندو.

LEAVE A REPLY