آرمي چيف سان اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه راحيل شريف جي ملاقات

0
111

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان اڳوڻي آرمي چيف ۽ اسلامي فوجي اتحاد جي ڪمانڊر ان چيف جنرل ( ر ) راحيل شريف ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويوآهي ته آرمي چيف سان دهشتگردي خلاف ٺهندڙ اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه راحيل شريف جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران امن استحڪام سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه علائقائي سلامتي تي اسلامي فوجي اتحاد جي واکاڻ ڪئي.

ذريعن موجب اسلامي فوجي اتحاد جو هي پهريون پاڪستاني دورو آهي، وفد ٻن ڏينهن تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندو.

LEAVE A REPLY