ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس: وڏي وزير پاران اي آءِ جي امير شيخ کي هٽائڻ جو حڪم

0
185

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ خراب ڪرڻ تي ڪراچي پوليس چيف امير شيخ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اي آءِ جي کي عهدي تان هٽائڻ بابت حڪنامو ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کي اماڻيو ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس بابت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ بهتر نتيجو نه اچڻ تي امير شيخ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم  جاري ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀينس ڪالوني ۾ يوسي چيئرمين رحيم شاهه نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو، پر پوليس کيس اسپتال منتقل ڪرڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي هئي، جنهن ڪري هن دم ڌڻي حوالي ڪيو هو.

LEAVE A REPLY