نئين دهلي ۾ هوٽل کي باهه، 15 ڄڻا سڙي فوت

0
65
Hotel Arpit Fire

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نئين دهلي جي هڪ هوٽل ۾ اوچتو باهه لڳڻ ڪري 15 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل مطابق ڀارت جي راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ قائم هوٽل ارپت ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن کي وسائڻ لاءِ 20 فائرٽينڊرز آپريشن ۾ حصو ورتو.

 باهه لڳڻ دوران عورتن ۽ ٻارڙن عمارت کان ٽپا ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ پڻ فوتگيون ٿيون، باهه صبح 4 وڳي عمارت جي آخري حصي ۾ لڳي هئي.

 پوليس مطابق باهه لڳڻ سبب 15 ڄڻا فوت ٿيا آهن، باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

LEAVE A REPLY