ريلوي جي ترقي کانسواءِ معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي : شيخ رشيد

0
126

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته راولپنڊيءَ ناليوارا ليڊر پيدا ڪيا، سئو ڏينهن ۾ ڏهه ٽرينون هلايون، جيڪي ويهن جي برابر آهن، ريلوي ترقي نه ڪندي ته معيشت ترقي نه ڪندي، سکن لاءِ ننڪانه صاحب ۽ ڪرتارپور تائين ريل گاڏي هلائينداسين

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد گورنمنٽ گرلز ڪاليج راولپنڊي ۾هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جو سڀ کان پهريون مدرسو ساهيوال ۾ قائم ٿيو، دنيا جي پهرين يونيورسٽي ٽيڪسلا ۾ ٺهي، ٻارن جي تعليم ۾ راولپنڊي پهرين نمبر تي آهي

 شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڇوڪرين ڀيٽ ۾ ڇوڪرا تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا آهن، دنيا ۾ علم رڳو ڪتابن ۾ ناهي هوندو، راولپنڊي ناليوارا ليڊر پيدا ڪيا

ريلوي واري وزير چيو ته ڪراچي کان راولپنڊي ۽ پشاور تائين نئون ڊبل ٽريڪ لڳائي رهيا آهيون، ريلوي ترقي نه ڪندي ته معيشت ترقي نه ڪندي، سئو ڏينهن ۾ ڏهه ٽرينون هلايون جيڪي ويهن جي برابر آهن، 25 ڊسمبر تي وڌيڪ ٻه ريل گاڏيون هلائينداسين

LEAVE A REPLY