موٽرويز ۽ هاءِ ويز کي موبائيل ايپ سان ڳنڍڻ جو فيصلو

0
167

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ هاءِ ويز ۽ موٽرويز کي موبائيل ايپ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

مواصلاتي وارو ممڪلتي وزير مراد سعيد اڄ نئين ايپ جو افتتاح ڪري رهيو آهي. سڄي ملڪ جي 12 هزار ڪلو ميٽر روڊن جا مڪمل تفصيل هڪ موبائيل ايپ ذريعي حاصل ٿي سگهندا

موبائيل ايپليڪشن ذريعي موٽرويز، هاءِ ويز ۽ سي پيڪ جي روٽس جا مڪمل تفصيل فراهم ڪيا ويندا، موٽروي کليل آهن يا بند موسم ڪهڙي آهي، مسافر پاڻ ڄاڻي سگهندا

شاهراهن جي مرمت ۽ اڏاوت بابت شڪايتون به سڌو پهچايون وينديون. موبائيل ايپ تي مسافرن کي سفري سهولت ۽ موٽروي پوليس جي سموري ڄاڻ دستياب هوندي، اين ايڇ اي جي جاري ۽ مڪمل پراجيڪٽس جا تفصيل به شامل هوندا، ٽول پلازه ۽ ٽيڪس بابت ڄاڻ به مسافرن جي پهچ ۾ هوندي جڏهن ته  رٿائن ۾ ڪرپشن، خرد برد يا ڪرپشن بابت رپورٽ به ڪري سگهبي

LEAVE A REPLY