رات جو ننڊ نه ڪندڙ ڪهڙين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا؟

0
58

نيويارڪ/بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به شخص لاءِ رات جو گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ ضروري آهي

 تفصيل موجب چين ۽ آمريڪا ۾ ننڊ جي کوٽ ۽ ان سان ٿيندڙ جسماني نقصانن جي حوالي سان تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انسان جي ننڊ جي تعلق گڙدي جي ڪاڪردگي تي ڀاڙيندو آهي، جيڏهن تمام گهڻي يا 6 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪئي وڃي ته گڙدي جي خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي

 ماهرن جو چوڻ آهي ته تحقيق ۾ شامل ٿيندڙ نوجوانن جا تفصيل جمع ڪري هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جيڪي ماڻهو چويهه ڪلاڪن ۾ 6 ڪلاڪ ننڊ نٿا ڪن انهن کي ڊي هائيڊريشن ٿي ويندي آهي

 تحقيق ۾ شامل ٿيندڙ نوجوانن کان سندن ننڊ بابت سوال پڇا ويا جڏهن ته ماهرن سندن پيشاب جا نمونا پڻ حاصل ڪيا. رپورٽ ۾ اها ڳالهه پڻ سامهون آئي ته 16 سالن کان 59 سالن جا اهي ماڻهو جيڪي رات جو 8 ڪلاڪ روزاني ننڊ ڪري رهيا هئا، انهن جي جسمن ۾ پاڻي جي کوٽ بنهه نه هئي ۽ نه ئي هو گڙدي جي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا هئا

 ماهرن اهو پڻ مشوور ڏنو ته جيڪڏهن ڪو شخص رات جو گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪري ٿو ته اهو ٻئي ڏينهن گهڻي کان گهڻو پاڻي استعمال ڪري ته جيئن جسم ۾ ڊي هائيڊريشن نه ٿي سگهي

LEAVE A REPLY