قطر پاران اوپيڪ جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو اعلان

0
101

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) قطر پئٽرول برآمد ڪندڙ ملڪن جي عالمي تنظيم اوپيڪ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 قطر جي توانائي واري وزير سعد الڪابي دوحا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قطر اوپيڪ جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ميمبرشپ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو جنوري 2019ع ۾ لاڳو ٿيندو.

 هن چيو ته قطر جي ميمبرشپ کان عليحدگي جي فيصلي کان اوپيڪ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

 اوپيڪ جو بنيادي مقصد تيل جي عالمي منڊي ۾ قيمت کي متوازن ڪرڻ ۽ مناسب مقدار تائين وڌائڻ شامل آهي.

اوپيڪ ۾ الجزائر، انگولا، انڊونيشيا، ايران، عراق، ڪويت، ليبيا، نائجيريا، قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ وينزويلا شامل آهن.

LEAVE A REPLY