آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب راولپنڊي طلب ڪري ورتو

0
113

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي نيب راولپنڊي طلب ڪري ورتو، فرحت الله بابر پاران تصديق.
تفصيل مطابق پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي نيب راولپنڊي طلب ڪري ورتو، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو جنهن جي تصديق پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته نيب پاران موڪليل نوٽيس ملي ويو آهي، بلاول ڀٽو پارڪ لين ڪمپني جو شيئر هولڊر آهي.
هن چيو ته نوٽيس ۾ پيش ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو.
فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري پيش نه ٿيندو سندس جاءِ تي فاروق ايڇ نائيڪ نيب ۾ پيش ٿيندو.

LEAVE A REPLY