مريخ تي هلندڙ هوائن جي آواز جي پهرئين رڪارڊنگ

0
78

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ناسا جي جديد ترين خلائي جهاز ڪجهه ڏينهن اڳ پهريون ڀيرو زمين طرف مريخ جو آواز رڪارڊ ڪري موڪليو آهي جيڪو اتي هوائن سبب پيدا ٿي رهيو هو.

 پهرئين ڊسمبر تي ناسا کي انسائٽ خلائي ليبارٽري طرفان مريخي آواز جي  فائل ملي آهي.

جيتوڻيڪ ان خلائي جهاز کي آواز رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڊيزائن نه ڪيو ويو هو پر ان ۾ مريخي زلزلن، هوائي تحقيق، هوائي دٻاءُ ۽ موسم جو احوال ڄاڻيندڙ جديد اوزار لڳايا ويا آهن جڏهن ته آڊيو فائل به ملي وئي آهي.

 ملندڙ آواز جي فائل پاڻ مريخي هوائن جو گوڙ ناهي پر اهو انسائٽ تي لڳل گول شمسي پينلز سان هوا جي ٽڪرائڻ کانپوءِ پيدا ٿيل آواز ججي صورت ۾ رڪارڊ ٿيو آهي.

 انسائٽ ۾ لڳل جديد ترين ايس اي آءِ ايس نظام ۾ ٻه حساس ترين زلزلي پيما لڳل آهن انهن ۾ هڪ مختصر مدي جا لوڏا محسوس ڪرڻ وارو سليڪن سينسر به لڳل آهي جيڪو 50 هرٽز جو آواز محسوس ڪري سگهي ٿو جيڪو انساني ٻڌڻي جي سڀ کان گهٽ درجي ۾ شامل آهي، سليڪن سينسر لنڊن جي امپيريل ڪاليج تيار ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY