آمريڪي سينيٽ ۾محمد بن سلمان کي صحافي جي قتل جو ذميدار قرار ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور

0
60

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو ذميدار قرار ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو جنهن ۾ قتل جي مذمت ڪئي وئي آهي.

 آمريڪي سينيٽ ۾ يمن جنگ ۾ سعودي عرب جو اتحادي بڻجڻ ۽ سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل خلاف ٺهراءُ تي ووٽنگ ٿي جنهن جي حق ۾ 56 ميمبرن ووٽ ڏنو جڏهن ته 41 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي.

 ريپبلڪن سينيٽر بوب ڪورڪر طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي صحافي جي قتل جو ذميدار قرار ڏنو ويو ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سندس حمايت ڪرڻ جي به مذمت ڪئي وئي.

 ٻنهي پارٽين جي سينيٽرن طرفان شهزادي محمد بن سلمان کي جمال خاشقجي جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ صدر ٽرمپ طرفان لڳاتار حمايت تي ڪاوڙ ۽ ڏک جو به اظهار ڪيو ويو.

 سينيٽ مان منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ يمن جنگ ۾ سعودي عرب سان اتحاد ختم ڪندي جنگ جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آهي.

سينيٽر ڪرس مارفي ۽ سينيٽر ڊي ڪون جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ چيو ته ٺهراءُ جي منظوري اهو ظاهر ڪري ٿي ته ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽ سينيٽرن صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اڪثر ڪري سندس خلاف به هوندا آهن ته جيئن پرڏيهي پاليسي قوم جي مفاد ۾ جوڙي وڃي.

 ياد رهي ته 2 آڪٽوبر تي سعودي صحافي جمال خاشقجي کي استنبول جي قائم سعودي سفارتخاني ۾ دستاويز وٺڻ لاءِ ويو هو ۽ پوءِ گم ٿي ويو جنهن بعد خبرون گردش ڪنديون رهيون ته کيس اتي ئي قتل ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY