ڪراچي ۾ سائبيرين هوائن سبب ٿڌ ۾ واڌ

0
130

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سائبيرين هوائن ٿڌ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اڄ گرمي پد ۾ 3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي.

 ڪراچي ۾ اتر اوڀر وارن علائقن کان هوائون 14 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيو آهن ۽ گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

 موسميات واري کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن هوائن ۾ گهم جو تناسب 54 سيڪڙو آهي. موسميات واري کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم سرد ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY