سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشن 24ڪلاڪن جي بندش کانپوءِ ٻيهر کُلي ويا

0
137
CNG Pump Open

ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز 24 ڪلاڪن جي بندش کانپوءِ ٻيهر کُلي ويا آهن.

تفصيل موجب سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز گذريل ڏينهن صبح 8 وڳي بند ڪيا ويا هئا، جيڪي اڄ صبح 8 وڳي کوليا ويا آهن.

ان کان اڳ هڪ هفتي تائين صوبي ۾ سي اين جي اسٽيشن بند رکيا ويا هئا، جڏهن ته سئي سدرن گئس ڪمپني اڻڄاڻايل مدي تائين گئس سپلاءِ بند ڪري ڇڏي هئي، جنهن ڪري ڀاڙن ۾ واڌ ٿيڻ سان گڏ ٽرانسپورٽرن ۽ مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو هو.

LEAVE A REPLY