سنڌ ۾ وڌيڪ 12ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي بند

0
113

ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز جي بندش ۾ وڌيڪ 12 ڪلاڪن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

 سنڌ ۾ سمورا سي اين جي اسٽيشن اڄ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين وڌيڪ 12 ڪلاڪ بند رهندا.

سئي سدرن گئس مطابق اهو اعلان سي اين جي جي گهٽ پريشر تحت ڪيو ويو آهي، گئس پريشر ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪمرشل ۽ گهريلو واهپيدارن کي گئس ڏيڻ ۾ مشڪل جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

 سئي سدرن گئس ڪمپني ٻڌايو ته گهريلو واهپيدارن جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سمورن سي اين جي اسٽيشنز کي اڄ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رهندي.

LEAVE A REPLY