نيب اپيل رد: سپريم ڪورٽ جو فيصلو بلڪل ٺيڪ آهي:فوادچوڌري

0
215
Ch Fawad Hussain

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري نواز شريف جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل رد ٿيڻ تي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانوني طور تي بلڪل ٺيڪ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فوادچوڌري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ضمانت رد ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڪارڻ گهربل هوندا آهن ۽ هن فيصلي سان عملي صورتحال ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نواز شريف جي سياست هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي، ن ليگ هڪ اهم سياسي پارٽي آهي، ان کي نئين قيادت چونڊڻ گهرجي.

واضح رهي ته نيب پاران ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي هئي ته نوازشريف،مريم نواز ۽ محمد صفدر جي ضمانت رد ڪئي وڃي جنهن کي عدالت خارج ڪري ڇڏيو هو.

LEAVE A REPLY