جي آءِ ٽي بهانو، سنڌ حڪومت اصل نشانو آهي: سعيد غني

0
95
Saeed Ghani

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سعيد غني چيو آهي ته عليما خان اثاثن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جي آءِ ٽي رڳو بهانو ۽ سنڌ سرڪار اصل نشانو آهي.

ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سياسي انتقامي ڪاررواين لاءِ نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

سعيدغني جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، حڪومت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا، ڇا ايئن ڪرڻ لاءِ ڪميٽي چيو هو، جي آءِ ٽي رڳو بهانو آهي، سنڌ حڪومت اصل نشانو آهي.

هن چيو ته عليما جي آمدني جائز هئي ته لڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هي عليما تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا، اندازو آهي ته عليما جي وڌيڪ ملڪيت سامهون ايندي.

LEAVE A REPLY