هي ڏکيو وقت به گذري ويندو

0
1353
hamid mir
حامد میر۔ سینیئر صحافي

 

اڄ ڪلهه جتي به چار صحافي هڪ هنڌ ويهن ته اتي اها ڳالهه ٻولهه ضرور ٿيندي آهي ته پاڪستان جي صحافت جو مستقبل ڇا آهي؟ هنن ڏينهن دوران پاڪستان جا اخباري اداره ۽ پرائيويٽ ٽي وي چئنلز هڪ مشڪل دور مان گذري رهيا آهن. ملڪي معيشت جنهن دٻاءَ جوشڪار آهي ان جا اثر ميڊيا تي نظر اچي رهيا آهن، ڪيتريون ئي اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز بند ٿي رهيا آهن، جيڪي هيل تائين بند ناهن ٿيا اهي پنهنجي رهتن جومعاملو ڄاڻائي ڊائون سائزنگ ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه ادارن ۾ پگهارون به گهٽايون پيون وڃن، پر هيل تائين نه صحافين جي ڪنهن تنظيم گڏ ٿي ويهي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي آهي ۽ نه ئي حڪومت کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته ميڊيا کي هن بحران مان ڪهڙي ريت ڪڍجي، ڇاڪاڻ ته حڪومت پاڻ به ڪنهن نه ڪنهن بحران ۾ ڦاٿل هوندي آهي، جيڪڏهن هڪ بحران مان نڪري وڃي ته وري ڪو نئون بحران پيدا ڪرڻ ۾ دير ناهي لڳندي، 3 ڏينهن اڳ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر صحافين جي هڪ گروپ سان آف دي رڪارڊ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ملڪي معيشت بابت ڪجهه انگ اکر اسان کي ٻڌايا، هن چيوهو ته انگن اکرن واري وفاقي اداري موجب گذريل ڪجهه مهينن دوران عام ماڻهو جي لاءِ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ امير ماڻهن جي لاءِ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي ته ان دوران اسان سڀني جي منهن تي مرڪون ڇائجي ويون، ڇاڪاڻ ته اسان کي ان قسم جا انگ اکر اڳوڻا ناڻي وارا وزير اسحاق ڊار ۽ مفتاح اسماعيل به ڏيندا رهندا هئا. اسد عمر اميد ڏياري ته جلد پاڪستان اقتصادي دٻاءَ مان نڪري ويندو. اها سٺي ڳالهه ٻڌي اسان پڇيو ته حڪومت کي ميڊيا جي مختلف ادارن کي اربين رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، ڇا اهي رهتون ادا ڪرڻ جو به ڪو امڪان آهي؟ ته جيئن مختلف ادارن مان ڪارڪنن جي جبري برطرفي جو سلسلو بند ٿي سگهي، جنھن تي ناڻي واري وزير اتي موجود سڌ سماء واري سيڪريٽري طرف ڏسندي چيو ته هي اسان کي لکي ڏین ته اسان رهتون ادا ڪنداسين. سيڪريٽري صاحب وڏي بهتر انداز ۾ چيو ته اسان کي رهتن جي جيڪا رقم ٻڌائي وئي آهي ان جي هڪ حصي تي اسان جا خدشا آهن، جڏهن خدشا ختم ٿي ويندا ته اسان لکي ڏينداسين پر ڪجهه رقم جلد جاري ڪئي ويندي. اسان ان آف دي رڪارڊ ملاقات مان اٿي آفيس پهتاسين ته پي ٽي وي تي ناڻي واري وزير سان ڳالاپيل خبر هلي رهي هئي ته معيشت جلد دٻاءَ مان نڪري ويندي پر ان خبر ۾ ڳالهه ٻولهه جو اهو حصو شامل نه هو جيڪو ميڊيا سان لاڳاپيل هو، ناڻي واري وزير جي آف دي رڪارڊ بريفنگ کي ڪنهن ٻئي نه پر پي ٽي وي ئي وائکو ڪري ڇڏيو هو. ان ملاقات کان ٻئي ڏينهن اسان کي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ مريم اورنگزيب صاحبه گهرايو. اتي اسانجو هڪ دوست ارشد شريف بہ ان ملاقات ۾ پهتو ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مسڪرائيندي چيو ته اڄ ڪلهه ارشد شريف مسلم ليگ (ن ) جو پسنديده اينڪر آهي. هي اهو ئي ارشد شريف آھي جنهن خلاف مسلم ليگ (ن ) جي دور حڪومت ۾ هڪ غلط خبر لڳائڻ جي الزام ۾ ايف آءِ آر ڪٽائي وئي هئي ۽ جڏهن اسان مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت جي ڪجهه اهم وزيرن کي اپيل ڪئي ته ارشد شریف تان ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي ته اسان کي چيو ويو ته اوهان جمهوريت جي دشمنن جي حمايت نه ڪيو، ڪجهه مهينا گذرڻ بعد جمهوريت هو اهو دشمن مسلم ليگ (ن ) جو پسنديده اينڪر بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ارشد شريف پاران عمران خان جي حڪومت تي به ان طرح جي تنقيد ڪئي پئي وڃي جهڙي ريت هو مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت تي ڪندو رهندو هو، سٺي ڳالهه آهي ته مسلم ليگ (ن ) کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته سٺو صحافي ڪڏهن ڪنهن سياسي جماعت جي زبان ناهي بڻجندو. سٺو صحافي گهڻو ڪري حڪومت جي لاءِ ولن ۽ اپوزيشن جي لاءِ هيرو هوندو آهي ۽ شايد ان ڪري وزير اعظم عمران خان جا ڪيترائي هيروز اڄ ھن لاءِ ولن بڻجي چڪا آهن. ان شام ڪجهه نوجوان صحافي مون سان ملڻ آيا جيڪي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي جو شڪار هئا. انهن جي مٿان به جبري برطرفي واري تلوار لٽڪي رهي هئي ۽ اهي ان تلوار جي پٺيان ڪا سازش ڳولي رهيا هئا. مون پنهنجي نوجوان ساٿين جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته جيڪڏهن واقعي ڪا سازش آهي ته جاڇ ڪيو ۽ ثبوت سامهون آڻيو پر سازشن جو مقابلو ٻڌي سان ئي ٿيبندو آهي، جيڪڏهن پاڻ ۾ٻڌي ناهي ته پوءِ اهي ماڻهو اوهان جا دشمن آهن جيڪي ٻڌي جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهيا آهن. هڪ نوجوان چيو ته سچ ڳالهائڻ تمام مشڪل ٿي ويو آهي ميڊيا تي اڻ اعلانيل سنسرشپ مڙهي وئي آهي اسان ڪنهن سازش کي بي نقاب نٿا ڪري سگهون، مون عرض ڪيو ته سچ ڳالهائڻ هميشه مشڪل رهيو آهي پر پر اوهان سوشل ميڊيا تي ته سچ ڳالهائي سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن اهيو به نٿا ڪري سگهو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ اهڙي وقت جو انتظار ڪيو جڏهن اوهان کلي سچ ڳالهائي سگهو. پاڪستان جي صحافت ماضي ۾ تمام گهڻو مشڪل دور ڏسي چڪي آهي. صحافين تي پابنديون لڳائڻ وارا انهن کي جيلن ۾ وجهڻ وارا ۽ انهن کي ڪوڙا هڻندڙ گمنامي جي اونداهين ۾ گم ٿي ويا آهن پر صحافي اڄ به زنده آهن، پر هڪ نوجوان رپورٽر پڇيو ته ڇا اوهان اسان کي ڪو مثال ڏئي سگهو ٿا؟، مون فوري طور حسين نقي جو نالو ورتو ۽ ٻڌايو ته نقي صاحب جنرل ايوب خان جي دور ۾ ظلم جو شڪار ٿيو پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ گرفتاري ٿي پر جنرل ضياءَ جي دور ۾ گرفتار ٿي پر اهي گرفتاريون ان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيون، اهو اڄ به اسان جو هيرو آهي. نوجوان رپورٽر چيو ته جي ها اسان به حسين نقي جو نالو ٻڌو آهي پر ان جي تفصيل بابت اسان کي خبر ناهي، اهو ٻڌي مونکي چوڻو پيو ته اڄ اسان جي صحافت تي مشڪل دور ان ڪري آيو جو اسان جا نوجوان ساٿي حسين نقي کي نٿا سڃاڻن. حسين نقي جو ذڪر ضمير نيازي جي ڪتاب “ پريس ان چينز ” ۾ آهي حفیظ الرحمان جي ڪتاب “ سڀ کان وڏي جنگ ” ۾ به ۽ گذريل ڪجهه وقت ۾ ڊاڪٽر طاهر مسعود جي لکيل ڪتاب “ الطاف صحافت ” ۾ به ان جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا آيو آهي. هي ڪتاب اردو ڊائجسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي صحافتي خدمتن بابت آهي،ان ڪتاب جو تفصيلي ذڪر وري ڪڏهن ڪنداسين پر قريشي صاحب به اسان جي ان بزرگ صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي اڪثر حڪمرانن جي لاءِ ولن ۽ اپوزيشن جي لاءِ هيرو رهيا آهن. حسين نقي ۽ الطاف حسن قريشي جي نظرين ۾ فرق ٿي سگهي ٿو پر انهن ٻنهي کي به ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري دور ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ جنرل ضياءَ الحق جي دور آمريت ۾ به. الطاف حسن قريشي پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر اعجاز قريشي سان گڏ اردو ڊائجسٽ جو مهورت ڪيو ته پاڪستان ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت هئي، ايوب خان 1961 ۾ اردو زبان جي جاءِ تي رومن رسم الخط لاڳو ڪرڻ چاهيندو هو پر الطاف حسن قريشي اردو ڊائجسٽ ذريعي روومن رسم الخط خلاف شديد مزاحمت ڪئي. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ان کي مجيب الرحمان شامي ۽ حسن نقي سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن جنرل ضياءَ الحق اقتدار ۾ آيو ته قريشي صاحب ان کان هڪ انٽرويو ورتو. انٽرويو ۾ جنرل ضيا دعويٰ ڪئي ته هو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائيندو پر قريشي صاحب پنهنجي اداري ۾ لکيو ته شينهن پنهنجو شڪار ڪنهن ٻئي کي ناهي ڏيندو. اها ڳالهه جنرل ضياءَ کي تمام گهڻي خراب لڳي ۽ 20 آڪٽوبر1977 تي الطاف حسن قريشي کي گرفتار ڪيوويو. قريشي صاحب ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد هئا ۽ اتي ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ته ڀٽو صاحب الطاف حسن قريشي جي آجيان ڪئي. قريشي صاحب ڇهن مهينن تائين جنرل ضياءَ جي قيد ۾ رهڻ بعد آزاد ٿيو، ان جو نالو اصغر خان ڪيس ۾ به آيوپر ان لڳايل الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي. مونکي اها شام اڄ به ياد آهي جڏهن ڪراچي ۾ قاتلاڻي حملي بعد زخمي ٿيس. الطاف حسن قريشي صاحب ڪجهه دوستن سان گڏجي منهنجي عيادت ڪرڻ جي لاءِ آيو ۽ چيائين ته فڪر نه ڪيو، هي مشڪل وقت به گذري ويندو. اڄ جڏهن منهنجا ساٿي جڏهن مونکي پنهنجون مشڪلاتون ٻڌائين ٿا ته آئون انهن کي چوان ٿو ته فڪر نه ڪيو، هي مشڪل وقت به گذري ويندو پر پنهنجي قطار ۾ ٻڌي برقرار رکو……..

LEAVE A REPLY