سنڌ ۾ ڇِتن ڪُتن جو آزار سول اسپتالن ۾ ويڪسينون ناهين

0
147
اعجاز علي چانڊيو/دادو

سنڌ ۾ رهندڙ ماروئڙا تہ اڳ ئي سورن ۾ رهن ٿا ٻيو وري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڇِتن ڪُتن جو آزار وڌي ويو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن کي سنڌ ۾ رهڻ سان تڪليف کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي، سنڌ جا چونڊيل نمائندا جيڪي سنڌ جي ماروئڙن جي مدد سان چونڊجي ويندا آهن پر انهن کي سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي ياد صرف اليڪشن تائين رهندي آهي اُن کان پوءِ جڏھن سنڌ مان چونڊجي ويندا آهن تہ انهن جو بقايا وقت مختلف ملڪن جا چڪرڪاٽڻ ۾ پورو ٿيندو آهي۔

هڪ اڳ ئي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سول اسپتالن جي حالت خراب آهي ٻيو وري مختلف شهرن جي سول اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه هُجڻ ڪري آيل مريض تڙپندا آهن تہ ڪٿي دوائون نه هُجڻ ڪري آيل مريض مُوت سان وڃي ملندا آهن، سنڌ جي مختلف شهرن مان هر روز نوان واقعا نظرن کان گُذرندا آهن سوشل ميڊيا ذريعي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مختلف شهرن جي مسڪين ماڻهن جون دانهون ٻُڌڻ ۾ اينديون آهن، سنڌ جي مختلف شهرن جي سول اسپتالن ۾ ڇِتن ڪُتن جون ويڪسينون نه هُجڻ ڪري آيل مريض تڙپي رهيا آهن۔

نومبر،ڊسمبر،جنوري،فيبروري مهينن اندر ڇِتن ڪُتن جا واقعا ڪافي پيش ايندا آهن پر افسوس جي ڳالھ آھي ته انھن ئي چئن مهينن اندر ڇِتن ڪُتن جي علاج واري ويڪسين جي شديد کوٽ آهي سنڌ ۾ روز هزارين ماڻهو ڇِتن ڪُتن کان ڏاڙهجي اسپتالن طرف ويندا آهن پر اُتي انهن جي علاج واريون ويڪسينون نه هُجڻ ڪري اسپتالن ۾ آيل هزارين مريضن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه هئڻ ڪري ماڻهو خانگي اسٽورن مان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ جي مختلف شهرن جي اسپتالن ۾ گذريل چئن مهينن کان ڇِتن ڪُتن جي بچاءُ واري ويڪسين نٿي ملي سگهي، ڄاڻ موجب ڇِتن ڪُتن جي بچاءُ واري ويڪسين انڊيا، جرمني، چائنا مان ايندي هئي پر هينئر چائنا پنهنجي موڪليل ويڪسين واپس گهرائي ورتي آهي جنهن ڪري انڊيا به ويڪسين موڪلڻ بند ڪري ڇڏي آهي ته جرمني مان ايندڙ دوائون به نٿيون اچي سگهن، هن وقت خانگي مارڪيٽ ۾ انڊيا جي ايبي ريب ۽ انڊي ريب ويڪسين ٿوري مقدار تي موجود آهي جيڪا هن مهل ڊبل پيسن تي ملي ٿي اسين پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، وزير اعظم عمران خان سميت اعلي آفيسرن کي اپيل ڪيون ٿا ته ٻين ملڪن سان رابطو ڪري سنڌ ۾ ڇِتن ڪُتن جي ويڪسين آندي وڃي ته جيئن سنڌ جي هزارين ماڻهن جي جان بچي سگھي۔

LEAVE A REPLY