وزيراعظم عمران خان اڄ قطر روانو ٿيندو

0
171
Imran khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر روانو ٿيندو.

 وزيراعظم جي دوري بابت قطري سفير صقر بن مبارڪ المنصوري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ جو جائزو ورتو ويندو.

قطري سفير مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچپسي جا معاملا، علائقائي ۽ عالمي معاملن به بحث هيٺ ايندا.

هن چيو ته عمران خان قطري هم منصب عبدالله بن ناصر بن خليفا آل ثاني سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ قطر ۾ مضبوط ۽ مستحڪم بنيادن تي تاريخي لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جو معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار ذڪر جوڳو آهي.

LEAVE A REPLY