مني لانڊرنگ ڪندڙن سان منهنجي جنگ آهي: وزيراعظم

0
153
ImranKhan

دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪندڙن سان منهنجي جنگ آهي،پاڪستاني فڪر نه ڪن سائي پاسپورٽ جي پوري دنيا ۾ عزت ٿيندي.

قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن خلاف منهنجي جنگ آهي، مان ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کان گهبرائندو ناهيان ، اسان جو روپيو ان لاءِ ڪري ٿو ڇو ته اسان وٽ ڊالر گهٽ آهن، اسان وٽ ايترا ڊالر ناهن جو ٻاهر کان شيون گهرايون.

وزيراعظم قطر ۾ رهندڙ پاڪستانين کي چيو ته ڪرپشن جي فڪر نه ڪريو هي پهرئين حڪومت آئي آهي جنهن جو هڪ به ڪرپشن اسڪينڊل ناهي آيو ۽ مستقبل ۾ به نه ٿيندو.

وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي حڪومت کي پنج مهينا ٿي ويا آهن پر اسان جي حڪومت ۾ ڪرپشن جو هڪ اسڪينڊل به سامهون ناهي آيو.

LEAVE A REPLY