گوگل ميپ ۾ گاڏي جي رفتار لاءِ نوان فيچر متعارف

0
225
Google Map

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ) گوگل ميپ ۾ سفر دوران ۽ رستي جي ڄاڻ جي حوالي سان ته فيچر موجود آهي پر هاڻي نوان اضافي فيچرز به شامل ڪيا ويا آهن جيڪي ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهه ڪندي ته ڪنهن رستي تي ڪيتري رفتار سان گاڏي هلائڻي آهي.

 هڪ رپورٽ موجب تازو ئي اينڊرائيڊ پوليس ڊاٽ ڪام ٻڌايو آهي ته گوگل ميپ ۾ گاڏي جي رفتار لاءِ اسپيڊلمٽ (Speed Limit) ۽ اسپيڊ ٽريپ ( Speed Trap) جو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.

هن اضافي فيچر جي مدد سان صارفين کي گوگل ميپ تي هدايت ملندي ته هنن کي ڪهڙي روڊ تي ڪيتري رفتار سان گاڏي هلائڻي آهي ۽ هو هن وقت ڪيتري رفتار سان گاڏي هلائي رهيو آهي.

ان کان سواءِ گوگل آڊيو جي ذريعي  به گاڏي جي رفتار جي حوالي سان احتياطي هدايت فراهم ٿيندي.

 اهي ٻنهي فيچرن ميپ کاٻي پاسي ڏنل هوندا، اسپيڊ جي حد فيچر گاڏي جي رفتار جي نمبر سان واضح هوندو جڏهن ته اسپيڊ ٽريپ فيچر ڪيمرا آئيڪون جيان هوندي.

سفر دوران مختلف هنڌن تان گذرندي وقت اهڙا ڪيترا ئي روڊ ايندا آهن جنهن تي گاڏي آرام سان هلائڻ گھرجي، پر اڪثر ماڻهو بي ڏياني ۾ تيز رفتار سان گاڏي هلائيندا آهن، جيڪو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.

اهو ئي سبب آهي ته گوگل ميپ ۾ رفتار ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهم فيچر متعارف ڪيا ويا آهن. اهو فيچر في الحال فرانسسڪو ۾ موجود آهي پر ممڪن آهي ته جلد ئي سڀني صارفين لاءِ موجود ڪيوويندو.

LEAVE A REPLY