ظلم کي چار چنڊ لڳائڻ وارا

0
214
حامد مير سينئر صحافي

اڄ پنهنجي دل جو ڪهڙو هال ٻڌايان؟ هي دل ڏاڍي زخمي آهي، هنن زخمن پويان هڪ بي وسي جو احساس آهي، بي وسي جو اهو احساس نشتر بڻجي گهڙي گهڙي دل کي زخمي ڪندو رهيو آهي، اڄ رڳو منهنجو نه پر اڪثر ڏیھ واسين جون دليون زخمي آهن، جنهن به ساهيوال سانحي ۾  بچي ويل ٽن ٻارڙن جي مکڙن تي ڏک ۽ بي وسي کي محسوس ڪيو آهي. انهن کي  ٻارڙن جي بي وسي ۾ پنهنجي بي وسي نظر آئي هوندي، جڏهن به ڪنهن بي گناهه کي گوليون هڻي دهشتگرد يا وري ڦورو قرار ڏنو ويندو آهي ته منهنجي اکين جي سامهون اهي سمورا واقعا  گهمڻ لڳندا آهن جن ۾ پهرين ڪنهن بي گناهه تي ظلم ڪيو ويو، پوءِ ان ظلم کي چار چنڊ لڳائي هڪ ڪارنامو ٺاهيو ويندو آهي،  ساهيوال ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو. 19 جنوري جي منجهند 12 هين وڳي جي لڳ ڀڳ ساهيوال ٽول پلازه ويجهو ڪائونٽر ٽيررازم ( سي ٽي ڊي ) اهلڪارن لاهور کان ايندڙ هڪ ڪار جي ٽائرن تي فائرنگ ڪئي. جڏهن اها ڪار روڊ ڪناري بيهي رهي ته ٽن طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ سبب ڪار ۾ سوار عورتن ۽ ٻارڙن رڙيون ڪيون ته رنگا رنگي ڪپڙا پهريل سي ٽي ڊي اهلڪار ڪار جي ويجهو پهتا، ڪار ۾ ويٺل زخمي خليل چيو ته اسان کان جهڙتي وٺو، اسان وٽ هٿيار ناهن، اسان شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا آهيون، اوهان کي جييڪو ڪجهه وٺڻو آهي وٺو، اسان کي ڇڏي ڏيو. پوءِ هن چيو ته اسان جي گاڏي ۾ ٻارڙا آهن، اسان جي ٻارڙن کي نه ماريو. هڪ سي ٽي ڊي اهلڪار خليل کي چيوته ٻارڙن کي ڪار مان ٻاهر ڪڍو، ان دوران خليل پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هو. پوئين سيٽ تي ويٺل ان جي گهرواري نبيلا ۽ 13 هن ورهين جي ڌيءَ اريبه خاموش ٿي ويون هيون. ٻن سي ٽي ڊي اهلڪارن گاڏي جا پويان دروازا کولي 10 هن ورهين جي عمير، ستن سالن جي منيبه ۽ چئن ورهين جي هاديه کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪار ۾ موجود ٻن زخمي عورتن ۽ ٻن زخمي مردن تي وڌيڪ گوليون وسايون ته جيئن انهن مان ڪوبه جيئرو بچي نه وڃي.

سي ٽي ڊي وارن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي چڪو هو هو وائرليس کانسواءِ پنهنجي موبائل فونز تي پنهنجي آفيسرن کي ٻڌائي رهيا هئا ته جيئرا بچي ويل ٻارڙا مارجي ويلن کي پنهنجا ماءُ پيءُ قرار ڏئي رهيا آهن پر آفيسرن کين چيو ته ان غلطي کي ڪارنامو ٺاهي ڇڏيو. سي ٽي ڊي وارن پنهنجي ظلم کي چار چنڊ لڳائڻ جي لاءِ هڪ ڪهاڻي ٺاهي ۽ دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل مرد ۽ عورتون دهشتگرد هئا ۽ انهن جو تعلق دهشتگرد تنظيم داعش سان آهي. سي ٽي ڊي وارا زخمي ٻارڙن کي هڪ اسپتال ۾ وٺي ويا جتي پهتل صحافين ڏهن ورهين جي عمير سان ڳالهايو ته خبر پئي ته سي ٽي ڊي وارا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. ميڊيا تي اهيو ڪوڙ وائکو ٿي ويو ته سي ٽي ڊي وارن هڪ نئون موقف اختيار ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته ڪار جو ڊرائيور ذيشان دهشتگرد تنظيم جو ڪمانڊر هو ۽ ڪار ۾ سوار ٻين ماڻهن کي خبر نه هئي ته هن جو واسطو دهشتگردن سان آهي.ڪار کي ڪارا شيشا لڳل هئا ان ڪري ڪار ۾ اندر ويٺل عورتون ۽ ٻارڙا نظر نه اچي سگهيا. هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ جي لاءِ سي ٽي ڊي وارا ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا. خبر پئي ته ذيشان اصل ۾ خليل جو پاڙيسري هو ۽ ڪرائي تي گاڏي هلائيندو هو. سي ٽي ڊي وارن دعويٰ ڪئي ته هن ڪار منجھان انهن تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ دهشتگرد مارجي ويا. اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ڪار سوارن ڪابه فائرنگ نه ڪئي، فائرنگ ڪئي ته اها رڳو سي ٽي ڊي وارن ڪئي.

ڏک جي ڳالهه اها هئي ته جڏهن ميڊيا تي سي ٽي ڊي جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ته پنجاب پوليس هڪ هينڊ آئوٽ ۾ چيو ته ساهيوال ويجهو چار دهشتگرد ماريا ويا آهن. جيڪڏهن اهي دهشتگرد واقعي ايترا خطرناڪ هئا ته سي ٽي ڊي وارا شلوارون، قميضون ۽ رنگا رنگي ٽرائوزر پهري انهن کي گرفتار ڪرڻ ڇو آيا هئا؟، ڪنهن کي به بلٽ پروف جيڪٽ پهريل نه هئي. مونکي جڏهن ڏهن ورهين جي عمير جو موبائل فون تي رڪارڊ ڪيل وڊيو بيان ٻڌڻ جو موقعو مليو ته مون پنجاب حڪومت جي مختلف نمائندن سان رابطو ڪيو. سڀبي کي خبر هئي ته سي ٽي ڊي وارن ظلم ڪيو آهي ڇوته ساهيوال جي ضلعي انتظاميا به سي ٽي ڊي جي ڪهاڻي کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيوهو. سي ٽي ڊي وارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پنجاب سرڪار هڪ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هي اهو موقعو هو جڏهن پنجاب حڪومت جي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل وڏي وزير عثمان بوزدار سان رابطو ڪيو ۽ ان کي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي جي ڪوڙ جو دفاع ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو، هاڻي توهان سي ٽي ڊي وارن جي گرفتاري جو اعلان ڪري ڇڏيو. سردار عثمان بوزدار ميانوالي جي دوري تي هو. ان جي گاڏين جي ڊگهي قافلي ۾ سڪيورٽي جيمرز سبب موبائل فونز ڪم نه ڪري رهيا هئا. عثمان بوزدار کي صورتحال سنگين هئڻ بابت احساس ان وقت ٿيو جڏهن وزير اعظم عمران خان ان سان رابطو ڪري ساهيوال سانحي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وڏو وزير سي ٽي ڊي اهلڪارن جي گرفتاري جوحڪم ڏيڻ واري معاملي تي ٻڏ تر جو شڪار هو، پر کيس ٻڌايو ويو ته ان واقعي جي سنگينيت جي نتيجي ۾ وزير اعظم عمران خان هن جي حمايت ڪرڻ کان پوئتي هٽي سگهي ٿو۽ يوٽرن وٺي سگهي ٿو ته وڏي وزير سي ٽي ڊي وارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان واقعي جي ايندڙ ڏينهن وزير اعظم عمران خان هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سي ٽي ڊي دهشگردي خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. انھن کي ٻڌائڻ وسري ويو ته 23 جون 2010  ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سي آءِ ڊي کي سي ٽي ڊي ۾ تبديل ڪيو هو. سي ٽي ڊي ڪجهه سٺا ڪم به ڪيا هوندا ڇاڪاڻ ته انهن کي دهشتگردن سان وڙهڻ جي پگهار ملي رهي هئي. هو قوم تي ڪو احسان نه ڪري رهيا هئا پر اها به حقيقت آهي ته سي ٽي ڊي ڪيترن ئي بيگناهن  کي بنا ڪنهن ثبوت گم ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن کي جعلي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ڪنهن کي ٻين ادارن جي حوالي ڪري لاپتا ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو. 13 جنوري 2018 تي ڪراچي ۾ نقيب الله محسود سان گڏ مارجي ويل محمد اسحاق جو تعلق احمدپور شرقيه سان هو ۽ ان کي به سي ٽي ڊي پنجاب پوري علائقي جي سامهون ان جي گهران گرفتار ڪيو هو. خبر ناهي هو ڪراچي ڪيئن پهتو؟

 رائو انوار کي سزا ملي وڃي ها ته ته شايد سي ڊي ٽي وارا ساهيوال ۾ بيگناهه خاندان تي ظلم ڪري ان کي ڪارنامو قرار نه ڏين ها.

پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار چوي ٿو ته هو ساهيوال سانحي جي ذميوارن کي عبرت جو نشان بڻائيندو، جڏهن ته قاتل پوليس اهلڪارن بابت جاچ به هڪ پوليس آفيسر ڪندو، ته ڪهڙي عبرت ۽ ڪهڙو نشان؟ سڀ کان پهرين ته توهان ظلم کي چار چنڊ هڻي ڪارنامو بڻائڻ واري پوليس جي سربراهه آءِ جي پنجاب کي هٽايو، پوئي ڏسنداسين ته توهان ڪنهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ٿا، ساهيوال سانحي ۾ بچي ویل بارڙن جي بي وسي دل کي جيڪي زخم هنيا آهن اُن بي وسي اسان کي رڙيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ مجبورن جون بددعائون حڪمرانن کي به عبرت جو نشان بڻائي سگهن ٿيون. .

LEAVE A REPLY