ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جو اعلان

0
180
Shaikh Rasheed

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پهرين فيبروري کان ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.

 ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته اسان 20 فريٽ ٽرينون هلائينداسين، 30 مارچ کي وي وي آءِ پي مسافر ٽرين هلائينداسين، ڪراچي کان پشاور تائين ٽريڪ تبديل ٿيندي، 10 مارچ کان اڳ هڪ وڌيڪ مال بردار ٽرين هلائي ويندي، پهرين کان 28 فيبروري تائين ٽرين ۾ هوندس.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مان پنهنجي آفيس فريٽ لاءِ راولپنڊي کان ڪراچي منتقل ڪري رهيو آهيان، هاڻي جي ايم ۽ چيئرمين ريلوي جي آفيس به هتي هوندي، جڏهن ته فيبروري کان ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪري رهيو آهيان.

 هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ٽرينن کي عوام جي اميدن موجب هلائينداسين، وزير جي نوڪري عارضي نوڪري هوندي آهي پر ڪرپشن کي معاف نه ڪندس، پاڪستان ريلوي ۾ ڪرپشن لاءِ عدم برداشت جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY