انڪار

0
273
Hamid Mir Column
حامد مير / سينئر صحافي

هي سانحو پهريون ڀيرو پيش نه آيو آهي. ان کان اڳ به پاڪستان ۾ اهڙا سانحا ٿيا جن ۾ رياست ماءُ بدران هڪ قاتل جو ڪردار ادا ڪيو. قاتل جي خلاف هر پاسي کان ثبوت موجود هئا پر قاتل کي ڪڏهن به سزا نه ملي سگهي ڇوته قاتل طاقتور ۽  مقتول ڪمزور هوندا هئا. مقتولن کي ڪڏهن دلاسو ڏئي ته ڪڏهن ڊيڄاري ڌمڪائي خاموش ڪيو ويو. چيو ويو ته قاتل خلاف آواز اٿارڻ ملڪ دشمني آهي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڪيترن ئي وڏن واقعن کي وساريو ويو پر ڪجهه سانحا پوري قوم جي نفسيات تي اثر وجهندا  آهن ۽ سڀني کي لڳندو آهي ته اسان جي وس ۾ بي وسي کانسواءِ ڪجهه ناهي. ڪيترائي سال پهرين اهڙو ئي سانحو باجوڙ ۾ پيش آيو جنهن تي مون عمران خان سان گڏجي تمام گهڻو گوڙ ڪيو هو. عمران خان جي هڪ پراڻي ساٿي مونکي هي سانحو وري ياد ڏياريو. مونکي سانحو ته ياد هو پر تفصيل وسري ويا هئا. هن چيو ته عمران خان جي ڪتاب “ پاڪستان ، اي پرنسل هسٽري ” ۾ هي واقعو ۽ ان جو ڪردار محفوظ آهي. 2011 ۾ هي ڪتاب شايع ٿي ته خان صاحب پنهنجي آٽو گراف سان گڏ هي مونکي ڏني هئي. ٿوري وقت بعد هي ڪتاب مونکي منهنجي لائبريري مان ملي وئي. هن ڪتاب ۾عمران خان دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي رياستي ادارن پاران پنهنجي بي گناهه ۽ هٿين خالي شهرين تي ٿيندڙ ظلم جو مثال پيش ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف باجوڙ جي صدر خليل الرحمان جو ذڪر ڪيو. عمران خان لکيو ته هڪ ڏينهن خليل الرحمان پنهنجي علائقي ۾ خاندان سان گڏ سفر ڪري رهيو هوته اوچتو هڪ هيلي ڪاپٽر انهن جي مٿان نظر آيو. خليل الرحمان فوري طور  گاڏي روڪي ۽ گاڏي ۾ سوار سمورا ماڻهو هينڊز اپ ڪري ٻاهر نڪري آيا پر ان دوران هيليي ڪاپٽر مان انهن تي فائرنگ شروع ٿي وئي. عمران خان لکيو ته  فائرنگ جي نتيجي ۾ خليل  الرحمان جو هڪ ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويا ۽ ستن ورهين جو پٽ ٻنهي ٽنگن کان معذور ٿي ويو. عمران خان اڳتي لکي ٿو ته آئون خليل کي  وٺي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ شو “ ڪيپٽل ٽاڪ ” ۾ پهتس جتي خليل چيو ته آئون پاڪستان جي لاءِ جان قربان ڪري سگهان ٿو پر هن واقعي کانپوءِ آئون پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي طالبان جي گروهه ۾ شامل ٿيڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهان.

ڪيپٽل ٽاڪ ۾ خليل الرحمان ۽ عمران خان جي ڳالهه ٻولهه نشر ٿي ته هڪ طوفان اچي ويو. هر پاسي گاريون ۽ ملڪ دشمني جا الزام شروع ٿي ويا. رياستي ادارن به پنهنجي ناراضگي جو اظهار پيمرا ذريعي ڪيو ۽ سياسي مخالفن به عمران خان کي طالبان قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن انساني حقن واري تنظيمن به ان واقعي جو نوٽيس ورتو ته پوء هڪ انڪوائري جو اعلان ڪيو ويو. 2008 ۾ پيش ايندڙ هن واقعي تي انڪوائري رپورٽ سامهون آڻڻ لاءِ عمران خان ڪجهه وقت تائين سرگرم رهيو ۽ پوءِ هو خليل الرحمان کي وساري ويٺو. نه  2013 ۾ تحريڪ انصاف خليل الرحمان کي ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ نه 2018 ۾ ٽڪيٽ ڏني. 1996 ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ خليل الرحمان 2019 ۾ به تحريڪ انصاف جو حصو رهيو ۽ شايد ان لاءِ عمران خان جي هڪ پراڻي ساٿي مونکي خليل الرحمان سان پيش ايندڙ سانحي تي عمران خان جو رد عمل ياد ڏياريو. عمران خان جو هي پراڻو ساٿي مونکي چئي رهيو هو ته 2008 ۾ جڏهن رياست ظلم ڪندي هئي ته عمران خان اوهان ۽ ٻي ميڊيا جي مدد سان ظلم جي خلاف آواز بلند ڪندو هو. اڄ اسان جو ليڊر هن ملڪ جو وزير اعظم آهي ۽ ساهيوال سانحي تي جڏهن ميڊيا سوال اٿاريندي آهي ۽حڪومت جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪندي ته پيمرا اهو ئي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو ماضي جي حڪومتي دور  ۾ ادا ڪيو. ساهيوال سانحي کانپوءِ الله تعاليٰ هڪ ڏهن ورهين جي معصوم ٻار عمير کي اها همت ڏني ته هن پنهنجي اکين جي سامهون پنهنجي والدين ۽ وڏي ڀيڻ کي وحشياڻي قتل جي اصل حقيقت کي بي نقاب ڪيو نه ته ان کي به رياستي ادارا هڪ دهشتگرد جو پٽ قرار ڏين ها. هڪ وڌيڪ ظلم اهيو ڪيو ويو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار هن ٻار سان ملڻ اسپتال پهتو ته گلدستو هن جي هٿن ۾ هو. پاڪستان جي ڪنهن به شهري، ٻهراڙي يا وري قبائلي علائقي ۾ اها روايت ناهي ته جنهن جا ماءُ پيءُ مري وڃن اوهان ان وٽ گلدستو کڻي پهچو. جڏهن وڏو وزير اتي پهتو ته ٻارڙو ننڊ پيل هو پر هن ستل ٻارڙي جي سيراندي کان گلدستو رکيو ۽ تصوير ڪڍرائي پر ان تصوير سان انهن سڀني وطن واسين جي دلين کي وڌيڪ ڏک پهتو جيڪي پهريائين ساهيوال سانحي تي ڏکويل هئا. عثمان بوزدار سان منهنجو ڪو ذاتي تڪرار ناهي پر جڏهن هو وڏو وزير بڻيو ته مون هن جي ڀرپور حمايت ڪئي ڇو جو هن جو تعلق ڏکڻ پنجاب سان آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين هو اسلام آباد پنهنجي گهر آيو ته چيائين ته منهنجي علائقي جا  ماڻهو اوهان سان ملڻ چاهين ٿا ڪنهن ڏينهن مون سان گڏ تونسه شريف ضرور هلجو. مون فوري طور هاڪاري جواب ڏنو پر گڏو گڏ اهو به عرض ڪيو ته اوهان جا 6 مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن هاڻي توهان کي عمران خان جي حمايت سان گڏو گڏ سٺي ڪارڪردگي کي به پنهنجي طاقت ٺاهڻو پوندو . مونکي افسوس اهيو آهي ته ساهيوال سانحي بعد عمران خان اسان جي اميدن تي پورو نه لٿو . عمران خان کي قوم جي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اندازو ٿي چڪو هو پر عثمان بوزدار کي فوري طور اندازو نه ٿي سگهيو ۽ هن خليل جي خاندان کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ لاشن سوڌو روڊن تي اچڻ جي تڪليف پهچائي. وزير اعظم جو هڪ ساٿي افتخار دراني مونکي ٻڌائي چڪو آهي ته ڏهن ورهين جي زخمي عمير وٽ گلدستو عثمان بوزدار نه کڻي ويو هو پر هڪ صاحب ان کي هٿن ۾ گلدستو ڏئي ڇڏيو هو پر بوزدار صاحب گلدستو پنهنجي هٿن ۾ ڇو ورتو؟. الله نه ڪري ان جي خاندان ۾ ڪير قتل ٿي وڃي ۽ ائون هن وٽ گلدستو کڻي پهچان ته هن جو ڪهڙو رد عمل هوندو؟. بوزدار صاحب چيو هو ته ساهيوال سانحي تي جي آءِ ٽي رپورٽ 72 ڪلاڪن ۾ اچي ويندي.

رپورٽ ته  ڪون  آئي پر ڪجهه پوليس آفيسرن کي ٽرانسفر ضرور ڪيو ويو. رياستي ادارن جي دعويٰ آهي ته خليل ۽ ان جو خاندان بي گناهه هو پر ذيشان دهشتگردن جو ساٿي هو. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف ۾ عندليب عباس ۽ زرتاج گل وزير جهڙيون بهادر ۽ با ضمير عورتون به آهن. عندليب عباس ساهيوال سانحي تي مظلوم خاندان کان معافي گهري ۽ ذيشان تي لڳايل الزامن کي به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. زرتاج گل وزير قوم جي لڙڪن  ۾ پنهنجا لڙڪ شامل ڪيا ۽ رياستي بيانيي کي اکيون بند ڪري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سڀاڻي اهيو ئي انڪار عمران خان جي سڃاڻپ ۽ ان جي طاقت هو. اڄ حڪومت ۾ اچي ان کي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻي پوندي. قاتل سان گڏ نه پر مقتول سان گڏ بيهڻو پوندو ۽ قاتل جي الزامن جو انڪار ڪرڻو پوندو ڇو ته ڪجهه خوشامدين کي ڇڏي پوري قوم ساهيوال سانحي تي قاتلن جي موقف کي ڪوڙ قرار ڏئي رهي آهي. . .

LEAVE A REPLY