سانا ڪانفرنس ۽ آچر انٽليڪچوئل

0
84
SANA
اسحاق تنيو/ سينئر صحافي

رات جو يارهين وڳي فون جي گهنٽي وڄڻ بس ئي نه پئي  ڪري ڪچڙي ننڊ مان  اکيون مهٽيندي وڃي فون کنيم اڳيان  مون وارو سنگتي آچر انٽيليڪچوئل  ايئن ڳالهائي رهيو هو ڄڻ ڪنهن فون  سان ٽيپ لڳائي ڇڏي هجي.

ڪمال آ ڪراچي ۾ اچي ڪانفرنسون ڪيو ٿا ۽ اسان کي نه گهرايو ٿا نه ٻڌايو ٿا، اڙي ڀوتار جهل گهوڙي کي ڪجهه منهنجي به ٻڌ ته ايئين چوڻ تي همراهه رهندو گرم ٿي ويو، چيائين اتي آمريڪا ۾ ته ڪنهن کي پوتار چئو ته  ٽاڪ منجهند جو تارا ته ڏيکاري نئي. مون کي  پيو ڀوتار چئين. مون چيو يار ڪم جي ڳالهه ڪر مون ڀوتار چئي ڪو غلط لفظ ته ڪون ڳالهايو، چيائين وري ڀوتار چوڻ کان نه پيو مڙين مون ٻنهي ڪنن ۾ هٿ وجهي چيو مانس مون ڪتو ٻڌي توبهه ڪئي ، همراهه مون واري توبهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري چوڻ لڳو ڪانفرنس جي دروازي تان پوليسوارن ڌڪائي ڪڍيو آهي هوٽل جي سامهون فٽپاٿ تي بيٺو آهيان اچي وٺي وڃ ڪانفرنس ۾ مون وٽ جيڪو سانا وارن لاءِ وضيفو آهي جيڪڏهن پنج مرد ۽ هڪ عورت  گڏجي پڙهن  ان وقت قائم علي شاهه ڪراچي وارو وزير اعليٰ ( آمريڪا وارو قائم علي شاهه نه ) ۽ آصف علي زرداري بلاول ڀٽي سميت هن جو هن وقت اتي پهچي هنن آڏو سنڌ ۾ سڌارن ۽ ترقي جي اعلان سان گڏ ڪڏهن به ڪميشن نه وٺڻ جو اعلان نه ڪن ته منهنجونالو آچر مان مٽائي  ڇنڇر رکي ڇڏجان اهو به بغير مٺائي ورهائڻ جي.

مون چيومانس ڀائو ڀوتار مهنجي به ته ڳالهه  ٻُڌ ڪو فل اسٽاپ ڏي، وري هن کان ٻه  ڀيرا ڀوتار چوڻ تي معافي ورتي. مون پنهجي پوزيشن واضع ڪندي چيومانس  يار آمريڪا ۾ ويٺو آهيان اتي ڪجهه ٻين دوستن سنڌ ۾ ترقي جون  نئون راهون ڳولڻ لاءِ هيڏو سارو خرچ ڪيو آهي. آءُ توکي ڪيئن اندر وٺي ايندس، ايتري ۾ چيائين ڀوتار سائين پوءِ تون ڇونه آئين ان جو توتي ڏنڊ لڳڻ گهرجي.

آءُ خوشي وچان باغ بهار ٿيڻ لڳس چيومانس هاڻي تو به مونکي ڀوتار چئي حساب برابر ڪري ڇڏيو، خدارا ڀوتار چوڻ تي ناراض نه ٿي اهو ڪو گٿو لفظ ناهي اڳي ئي کوڙ خلقت خدا جي آمريڪا ۾ ڀوتار چوڻ تي مون مسڪين مٿان چڙي ويٺي آهي.

ڇيائين ٽائيم خراب نه ڪر ڪو بندوبست ڪر ته آءُ به اندر وڃان، هنئير فيس بُڪ تي مشاق راچپر وڊيو شيئر ڪيو آهي، ڄاٻي نوٽ ڳالهائڻ واري جو، مون  کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي خدا جي مار پوئي ننڊ ڦٽائي  اَٿئي هرو ڀرو.

چيائين يار انگريزي به نه ٿو سمجهين ته  ڪي نوٽ اسپيڪر جي وڊيومشتاق راڄپر تو واري اڳوڻي يار رکي آهي. ان ۾ هڪ به ڪم جي  ڳالهه ڪونهي سڄو سارو پڪو راڳ ڀيروي چئي ٽهڪ ڏيڻ لڳو،  مون کي به ڪاوڙ اچي وئي چيومانس اڳوڻو ڇو هن کي مون ڪا  دوستي مان طلاق ڏني آهي ڇا، جو وڃي هن ٻين سان دوستي جو نڪاح ڪيو آ هي ڪجهه سوچي سمجهي لفظ ڳالهائيندو ڪر، منهنجي ڇنڊ پٽڻ تي همراهه ٿڌو ته ٿيو پر وري هن جي رڙ پئي پوي ته اندر ايترا ته انٽليڪچوئل ويٺا آهن جو انهن جي بار سبب ڪراچي جو اهو سڄو حصو هيٺ ٿيندو پيو وڃي آءُ ڦٽ پاٿ جي هن ڀر پنهجي اکين سان  زمين ٽيڙي ٿيندي پيو ڏسان ڪوبندو بست ڪر ته آءُ به اندر وڃي اهو وضيفو ڀوتارن کي ٻڌايان.

مون چيومانس هڪ ڀوتار چوڻ سان ٻيو منهجي نالي کڻڻ سان تنهنجون ست پيڙهيون به اندر ان ڪانفرنس ۾ وڃي نه ٿيو سگهن. ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ توکي زبردست تاڙيباز ٿيڻو پوندو يا ڀوتارن جو ڪمدار. هنن  سانا تي ڏهن سالن کان قبضو ۽ پيسا ان لاءِ ته خرچ ناهن ڪيا ته تون اچي پنهجو پڪو راڳ ڳائين. هنن اڳئين سال به سانا جا چاليهه لک خرچ ڪيا هئا سانا تعليمي ڪانفرنس تي ملاقات ٿئي ته اها ڳالهه هنن کان نه پڇجان. گذريل سال سانا جا هڪ ڪروڙ ٽيونجاهه لک روپيا ڊانس ۽ ميوزڪ پارٽي تي خرچ ڪيا اٿن ۽ هنن جا ڪيترا اخبارن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ڦوٽو آيا توکي اندازو به نه هوندو. ڊاڪٽر اديب رضوي جو نالوٻڌو اٿئي هن کي به ٽيهه لک ڏنا اٿن ؟ چيائين  ها هو ڪڊني سينٽر وارو جنهن کي سائين قائم علي شاهه ڪراچي واري  ڏهه ارب ڏنا آهن. اهي به منهنجي وضيفي پڙهڻ سان مون حيران ٿيندي چيو تنهجي وضيفي سان چيائين نه ته سائين قائم علي شاهه ڪراچي واري کان ڀنگ جي چوٿائي اديب رضوي وٺي ڏيکاري ته منهجو نالو آچر مان مٽائي ڇنڇر رکجان اهو به مٺائي ورهائڻ بنا.

مون هن کان راز جي انداز ۾ پڇيو ته قائم علي شاهه ڪراچي وارو ڇو پيو چئين،چيائين ان لاءِ متاتون قائم علي شاهه آمريڪا وارو نه سمجهين وٺين مون ٻڌايومانس هت تنهجي حُجت نه هلندي هت صدارت ڪرڻ لاءِ حسين حقاني، پاڪستاني ڪانئونسليٽ ۾ آفيسر يا عشرت حسين جيان مشرف جو ماڻهون ٿيڻو پوندئي. اسان جهڙن ڪنگلن جي دوستي ۾ ٻاهرين ٻَني تي هوندين.

هن کي وري اندر وڃڻ جي ڳڻتي ماريو پئي ماري، چيائين اندر وڃڻ جوبندو بست توکي هر حال ۾ ڪرڻو پوندو. ايتري ۾ رَڙڪندي چيائين يار پاڻ هلون ٿا ان ڪانفرنس جي بار سبب ميٽروپول وارو سڄو علائقو باقي ڪراچي کان سانا جي ڪانفرنس سبب زمينن ۾ هيٺ لهندو ٿو وڃي لڳي ٿو سانا جو بار وڌندو پيو وڃي ايئين نه ٿئي جو قائم علي شاهه ڪراچي وارو پرباش ٿيو ستل هجي ۽ آءُ سڀ دل جون اميدُون دل ۾ سانڍي ان ڪانفرنس جي بار سبب زمين دوز ٿي وڃان. سانا وارا ته ياريون وڌائي ڦوٽو سيشن ڪرائي ويڪيشن ختم ڪري آمريڪا هليا ويندا پوءِ مون جهڙي انٽليڪچوئل جي مري وڃڻ سبب شايد سنڌ ۾ وري سج به نه اڀري ايئن چئي مون واري يار آچر انٽليڪچوئل نا اميد ٿي ڪري فون بند ڪري ڇڏي.

ڪجهه سال اڳ سانا ڪانفرنس تي لکيل تاثر . . .

LEAVE A REPLY