تزڪِ تيموري

0
644
Hamid Mir Column
Hamid Mir
حامد مير / سينيئر صحافي

امير تيمور کي سڪندر اعظم جيان دنيا فتح ڪرڻ جو شوق هو. هو اڄو ڪي ازبڪستان مان اٿيو ۽ مصر، شام، عراق ۽ ايران کي فتح ڪندي هندوستان تائين پهتو. جڏهن تيمور ايران فتح ڪيو ته هن فارسي جي مشهور شاعر حافظ شيرازي کي گهرايو ۽ ان جو شعر پڙهندي پچيو ته ڇا هي اوهان ئي چيو آهي ته آئون پنهنجي محبوب جي ڳلهه جي خوبصورت تر جي عيوض ثمر قند ۽ بخارا کي قربان ڪري ڇڏيندس؟ جواب ۾ حافظ شيرازي چيو ته جي ها شاهن جا شاهه، هي شعر منهنجو ئي آهي. امير تيمور فارسي جي هن عظيم شاعر کي چيو ته مون ته تلوار جي زور تي وڏي مشڪل سان ثمر قند فتح ڪيو ۽ ان کانپوءِ شهر جا شهر فتح ڪندو پيو اچان توهان ته هن ثمر قند کي شيراز جي ڪنهن معمولي ڇوڪري جي ڳل جي تر خاطر قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيو؟ حافظ ڪجهه گهڙيون خاموش رهڻ کانپوءِ مسڪرائيندي چيو ته اي امير اهڙين غلطين جي ڪري ئي اڄ غربت جو شڪار آهيان. حافظ جي حاضر جواب تي تيمور کلي ڏنو ۽ شاعر کي انعام ڏئي روانو ڪيائين. تيمور فقت هڪ ويڙهاڪ نه هو پر علم ۽ ادب سان پڪو رشتو رکندڙ انسان هو.

ايران فتح ڪرڻ کان اڳ هن کي ايران جي شاعر حافظ شيرازي جا ڪيترائي شعر ياد هئا. هو خوشامد ڪندڙن سان گڏ وقت ضايع ڪرڻ بدران اڪثر گهڙيون ابن خلدون سان گڏ بحث ڪندو رهندو هو. امير تيمور چين فتح ڪرڻ جي ڪوشش ۾ بيمار ٿي ٿيو ۽ زندگي جي بازي هارائي ويٺو پر مرڻ کان پهريان هن پنهنجي آتم ڪٿا قلم بند ڪئي جيڪا “ تزڪِ تيموري” جي نالي سان مشهور ٿي. هن ڪتاب ۾ تيمور دعويٰ ڪئي ته هن جي جنگ جو مقصد الله تعاليٰ جي دين ۽ شريعت محمدي کي عام ڪرڻ هو. ان دعويٰ سان اختلاف جي گنجائش موجود آهي ڇاڪاڻ ته تيمور ڪيتريون ئي جنگيون مسلمانن جي خلاف وڙهيون ۽ هزارين نه پر لکين مسلمانن کي قتل ڪيو پر هن ڪتاب جي اندر تيمور تجربي جي روشني ۾ حڪمراني جا ڪجه اصول  بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ جي حڪمرانن لاءِ غورطلب آهن.

 تزڪ تيموري  ۾ چيو ويو آهي ته سُٺي حڪمران کي هميشه مشاورت ۽ دور انديشي سان ڪم وٺڻ گهرجي. دوستن ۽ دشمنن ٻنهي سان سٺو ورتاءُ رکڻ گهرجي. نرمي، درگزر ۽ صبر سان ڪم وٺڻ گهرجي. تيمور لکيو ته جيڪي ماڻهو منهنجا وفادار رهيا ۽ ڏکي وقت ۾ مون سان گڏ بيٺل رهيا مون هميشه انهن جي خواهشن جو احترام ڪيو. مون عوام کي عدل ۽ انصاف ڏنو. مون نه عوام سان گهڻي سختي ڪئي ته ڪٿي هو مونکان ناراض نه ٿي وڃي ۽ نه ئي وري ايتري آزادي ڏني جو بي قابو ٿي وڃي. تيمور لکيو ته مون هميشه مظلومن جي مدد ڪئي ۽ ظالمن کي سزا ڏني. تيمور انهن ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو جن سدائن هن سان واعدا ٽوڙيا.  تيمور لکي ٿو ته مون هميشه عالمن کي پاڻ سان گڏ رکيو. آئون حرڪتي ۽ خراب ماڻهن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. پنهنجي رعايا جي حالتن کان با خبر رهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. تيمور وري وري لکيو ته جن مون مٿان ٿورو ڪيو مون ان جو بدلو ضرور لاٿو. تيمور هڪ اهم ڳالهه لکي ته آئون دشمن جي فوج جي اهڙن سپاهن جي تمام گهڻي قدر ڪندو هئس جيڪي پنهنجي مالڪ سان وفادار رهندا هئا. ان کانسواءِ جيڪي سپاهي پنهنجي مالڪ کي دوکو ڏئي مون وٽ ايندا هئا ته آئون انهن کي پنهنجو بدترين دشمن سمجهندو هئس. تيمور لکيو ته هڪ سٺي حڪمران جون چوڻيون ان جي فعل مطابق هجڻ گهرجي، هو جيڪو قانون ٻين تي لاڳو ڪري ان جو پاڻ به احترام ڪري. سٺي حڪمران کي مستقل مزاج هجڻ گهرجي، هو پنهنجي وزيرن جي چيل ڳالهين کي اکيون  بند ڪري مڃڻ بدران انهن ڳالهين جي جاچ ڪري ۽ سٺي حڪمران کي ڪنن جو ڪچو نه هجڻ گهرجي.

 تزڪ تيموري  ۾ امير تيمور لکي ٿو ته سٺي حڪمران اهڙن ماڻهن کي وزير ٺاهڻ گهرجي جيڪي حڪومتي ڪاروهنوار نيڪ نيتي ۽ سٺي ورتاءُ سان هلائين، تڪراري ڳالهيون نه ڪن، نه ڪنهن کي خراب چون نه ڪنهن جي خراب ڳالهه ٻڌن. امير تيمور اهڙن وزيرن کي فارغ ڪري ڇڏيندو هو جيڪي گهڻو وقت ٻين کي خراب چوندا هئا. هن لکيو ته ڪينو رکندڙ، ساڙ ڪندڙ ۽ خراب ماڻهو جيڪڏهن وزير هوندو ته ڪنهن به وقت دشمن سان گڏجي سازش ڪري سگهي ٿو، ان ڪري نيڪ ماڻهن کي وزير ٺاهڻ گهرجي ته جيئن خدا جي خلق کي فائدو ملي سگهي. “ تزڪ تيموري ” پڙهندي پڙهندي آئون سوچڻ لڳس ته امير تيمور سٺي حڪمران ۽ سٺن وزيرن جون جيڪي خوبيون بيان ڪيون آهن اهي اڄ ڪلهه جي ترز حڪمراني جو مڪمل ضد آهن. اسان جا اڪثر حڪمران ته اهل علم سان اٿن ويهڻ بدران اهل ستم ۾ گهريل رهن ٿا. اڄ جي حڪمرانن کي وفادار نه پر بي وفا لوگ پسند آهن جنهن کي عوام لوٽو به ڪوٺيندا آهن.  اسان جا حڪمران لوٽي کي ان جي اصل هنڌ تي رکڻ بدران مٿي تي رکن ٿا، ان ڪري لوٽن واري سرڪار سڏيو ويندو آهي.اسان جي ملڪ جا ڪيترائي وزير شڪل سان ئي ڪينو رکندڙ نظر اچن ٿا، هر وقت خراب ڳالهيون ڪندا آهن ۽ پوءِ مخالف ڌر کان بدکي ۾ خراب ڳالهيون  ئي ٻڌندا رهندا آهن. امير تيمور سٺن، نيڪوڪار ، بهادر ۽ وفادار ماڻهن ذريعي پنهنجي سلطنت کي پکيڙيو. اسان جي حڪمرانن جي سلطنت ۽ اختيار ڏيهون ڏينهن محدود ٿي رهيا آهن. ظاهري طور هو پوري ملڪ جا وزير اعظم يا صدر سڏائن ٿا پر انهن جو اختيار يا ته گاڌي واري شهر تائن محدود هوندو آهي يا وري ڏيڍ ٻن صوبن ۾ هوندو آهي. باقي ٻين صوبن ۾ ڪنهن ٻئي جي حڪومت ٺهي ويندي آهي ۽ اتان جا حڪمران به مرڪز جي حڪمرانن کان مختلف ناهن هوندا. سياسي تضاد ۽ جهيڙي سبب پکڙندڙ مايوسي نظام کي تبديل ڪرڻ واري تجويز کي هڪ ڀيرو ٻيهر اُڀاريو آهي. مطلب ته هڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني نظام کي ڇڏي واپس صدارتي نظام ڏان هليا وڃون ته جيئن مرڪز جو حڪمران آساني سان سموري ملڪ جو حڪمران ٿي وڃي. اهڙي تجويز ڏيندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته جهيڙي ۽ مايوسي جو سبب نظام نه پر ڪجهه ماڻهون آهن جيڪي حڪمراني جي طور طريقن کان واقف ناهن پر حڪمران ٿيا ويٺا آهن. حافظ شيرازي ته پنهنجي محبوبه جي تِر خاطر ثمرقند ۽ بخارا قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر اسان جا حڪمران پنهنجي ذاتي اَنا لاءِ آئين کي قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهن.  امير تيمور لکيو آهي ته ذاتي اَنا جي ور چڙهيل حڪمرانن جو انجام  تمام خراب ٿيندو آهي. . .

LEAVE A REPLY