اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي

0
62
Asif Ali Zardari Case

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي نه ٿي سگهي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيل ڪيسن جي لسٽ ۾ آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ ڪيس موجود نه هو، جنهن ڪري اڄ ان تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

رجسٽرار آفيس ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خرم شيرزمان ۽ عثمان ڊار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ آصف علي زرداري جي پارٽي سربراهه ۽ نيشنل اسيمبلي جي ميمبر طور تاحيات نااهلي جي استدعا ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY