ن ليگ جي حڪومت حاجين لاءِ آساني پيدا ڪئي هئي: مريم اورنگزيب

0
106

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون جنهن ن ليگ کي حاجين جي خدمت ۽ بهترين سهولتن جي فراهميءَ جو موقعو ڏنو.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت دوران سرڪاري اسڪيم جو حج پيڪيج 2 لک 93 هزار رپيا هو ۽ هر حاجيءَ کي 40 هزار رپيا سبسڊي پڻ ڏني ويندي هئي.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حاجين کي بهترين سهولتن سان گڏ گهٽ پئسن تي حج جي سعادت کي آسان بڻايو پر هن حڪومت حج خرچن جي سبسڊي کي ختم ڪندي ساڍا 4 لک تائين پهچايو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو اهو ٿيو ته سرڪاري اسڪيم جي حاجين کي پرائيويٽ اسڪيم جي حاجين مطابق بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن ۾ حرم شريف جي ويجهي حاجي سڳورن کي رهائش فراهم ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY