ڪوٽڏيجي ۾ 14سالن جي نينگري ڏينهن ڏٺي جو بيدردي سان قتل

0
193
Kot diji Murder

ڪوٽڏيجي : ڳوٺ نواب وساڻ ۾ هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي 14 سالن جي نينگري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

تفصيل موجب ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ نواب وساڻ ۾ ڏينهن ڏٺي جو 5 هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي ستين ڪلاس جي 14 سالن جي نينگري رمشا وساڻ مٿان ڪلاشنڪوف جو برسٽ هلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڪنب ٿاڻي تي ويل نينگري جو والد پرويز وساڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو.

جڏهن ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي مداخلت تي پوليس پاڻ فريادي ٿي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

قتل ٿيل شاگردياڻي جي امڙ رشيده وساڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار وساڻ سوڌو 5 هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ڌيءُ رمشا کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته جوابدار ذوالفقار وساڻ بااثر آهي، تنهن ڪري پوليس سوڌو ڪير به سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 ٻئي پاسي مليل ڄاڻ موجب رمشا وساڻ پنهنجي برادري جي اظهار نالي نوجوان سان پسند جي شادي ڪرڻ پي چاهي، ان سلسلي ۾ هو هڪ ڀيرو گهران پڻ نڪري وئي هئي.

 رمشا جي مائٽن ڌيءُ کي سندس مرضي جي شادي ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي کيس واپس ڪرايو هو.

LEAVE A REPLY