افغان باقي، ڪهسار باقي

0
259
Hamid Mir
حامد مير / سينيئر صحافي

اوڀر جي شاعر علامه اقبال پنهنجي شاعري جي مجموعي ”پيامِ اوڀر“ کي افغانستان جي بادشاهه غازي امان الله خان جي نانء ڪيو ته ماڻهن علامه اقبال تي هڪ بادشاهه جي خوشامدي  جو الزام مڙهي ڇڏيو. هي غازي امان الله ڪير هو؟ هي اهو سخص هو جنهن 1919ع ۾ اُن زماني جي سپرپاور ملڪ برطانيا کي ھارایو ۽ افغانستان کي برطانيا جي شان جو قبرستان بڻائي ڇڏيو. هڪ دفعو ڊاڪٽر عبدالله چغتائي علامه اقبال کان سوال ڪيو ته توهان ”پيامِ اوڀر“ جو عنوان امان الله خان جي نالي ڇو ڪيو ته هُنن جواب ۾ چيو ته مان پنهنجي هن ڪتاب کي ڪنهن آزاد مسلمان جي نالي ڪرڻ پئي چاهيو  ۽ اُن ڏس ۾ امير امان الله خان کان وڌيڪ مناسب ٻيو ڪو نه هو. امان الله خان جن ماڻهن جي مدد سان تاج برطانيا جو غرور مٽيء ۾ ملايو هو اُنهن ۾ روحاني پيشوا ملا شوربازار نور المشائخ به شامل هو. پر جڏهن امان الله خان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ افغانستان ۾ سڌارن جو آغاز ڪيو ته ملا شور بازاز هُن کان ڪاوڙ جي ويو. 1929ع ۾ امان الله خان پرڏيهي دوري تي هو، اُن وچ ۾ هُن خلاف بغاوت ٿي وئي ۽ افغانستان گهرو جنگ جو شڪار ٿي ويو. امان الله خان جي هڪ ساٿي نادرشاهه انگريزن جي سازشن کي منهن ڏيڻ جو  ارادو ڪيو. هُو فرانس ۾ افغانستان جو سفير هو، هُو پيرس کان لاهور آيو ۽ علامه اقبال سان ملاقات ڪئي. هُن علامه اقبال کي ٻڌايو ته سازش ڪندڙ عنصرن خلاف مزاحمت ڪندو. علامه اقبال پنهنجي طرفان 10هزار رپيا امداد طور پيش ڪيا پر نادرشاهه مهرباني سان گڏ هي رقم واپس ڪري ڇڏي ۽ اُتر وزيرستان جي علائقي علي خيل روانو ٿي ويو. هتي هُن وزير ۽ محسود قبيلي سان گڏجي هڪ لشڪر جوڙيو ۽ ڪابل تي حملو ڪيو. علامه اقبال نادرشاهه جي مدد لاءِ هڪ فنڊ جوڙيو ۽ ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ نادرشاهه حبيب الله (بچا سقا) کي شڪست ڏئي ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. ڪجهه سالن کانپوءِ علامه اقبال نادرشاهه جي دعوت تي افغانستان جو دورو ڪيو ته هُتي ملاشوربازار ۽ حاجي صاحب  ترنگزئي سان ملاقاتون ڪيون. حاجي صاحب جو تعلق شب قدر جي علائقي سان هو. هُن 1919ع واري جنگ ۾ امان الله خان جو ساٿ ڏنو هو، هاڻي هُو ننڍي کنڊ کي انگريزن جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ چاهيندو هو ۽ نادرشاهه جي مدد سان مزاحمت جي تياري ڪري رهيو هو. هي اندازو لڳائڻ مشڪل نه هو ته علامه اقبال امان الله خان ۽ نادرشاهه جهڙن بادشاهن جي عزت افزائي هُنن جي حريت پسندي سبب ڪئي. علامه اقبال کي افغانين سان  محبت هئي ڇو جو هُن کي يقين هو ته افغاني ڪڏهن به ڪنهن جي غلامي پسند ناهن ڪندا. انهي جي ڪري علامه اقبال چيو افغان باقي، ڪهسار باقي

الحڪم لله ، الملڪ لله

مطلب ته تاريخي عمل ۽ تاريخي جدل ۾ صرف افغاني ڪامياب ٿيندا. اقبال جي شاعري ۾ اسان کي صرف ڪابل، غزني ۽ قنڌهار جو ذڪر نه ملندو آهي پر احمد شاهه ابدالي ۽ خوشحال خان خٽڪ هڪ جنگي شاعر هو جنهن مغل بادشاهه اورنگ زيب خلاف مزاهمت ڪئي. اقبال اورنگزيب خلاف تلوار کڙندڙ خوشحال خان خٽڪ جي باري ۾ چيو

قبائل هوں ملت کی وحدت ميں گم

کہ هو نام افغانيوں کا بلند

محبت مجھے اُن جوانوں سے ہے

ستاروں پہ جو ڈالتے ہیں کمند

تارن تي ڪمند وجهندڙ جوانن سان اقبال جي محبت بنا جواز نه هئي. اقبال جي زندگي ۾ افغانين برطانيا جي سلطنت کي شڪست ڏني ۽ اسان جي زندگي ۾ افغانين سوويت يونين کي شڪست ڏني. هي 1989 ع هو جڏهن روسي فوج جو افغانستان مان نڪرڻ شروع ٿيو ۽ هاڻي 2019 ع ۾ امريڪي فوج افغانستان مان نڪرڻ چاهي ٿي. ڪير مڃي يا نه مڃي پر برطانيا ۽ روس کانپوءِ آمريڪا کي به افغانستان ۾ شڪست ملي چڪي آهي. افغانستان هڪ وڌيڪ سپر پاور جي شان ۽ شوڪت جو قبرستان بڻجي ويو آهي پر افغانستان جي سڃاڻپ صرف قبرستان نه هجڻ گهرجي. اقبال چيو هو ته

آسيا يک پيکر آب و گِل است

ملت ِ افغاں در آں پيکر ِ دل است

از فساد او فسادِ آسيا

در کشاد او کشادِ آسيا

اهڙو هڪ جسم آهي ۽ ان جسم ۾ ڌڙڪندڙ دل جو نالو افغان قوم آهي. اقبال چيو هو ته افغانين ۾ جهيڙي جو مطلب ايشيا ۾ جهيڙو ۽ افغانين جي ترقي جو مطلب ايشيا جي ترقي آهي. اقبال افغانستان کي هڪ سپر پاور جي قبرستان بدران ايشيا جي دل قرار ڏنو هو ۽ هي اها سڃاڻپ آهي جنهن کي حقيقت ٺاهي اسان صرف افغانستان کي نه پر پوري خطي کي امن جو هنڌ بڻائي سگهون ٿا. هن وقت اسان سڀني جي پهرين ترجيح اها هئڻ گهرجي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اتي گھرو ویڙھ شروع نه ٿي وڃي. 1989 ع ۾ افغانستان مان روسي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ جيڪا گهرو جنگ شروع ٿي ان طالبان کي جنم ڏنو هو. شروع ۾ آمريڪا طالبان جي مدد ڪئي ، ان کانپوءِ امريڪا انهن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو هو، اڄ آمريڪا انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري پنهنجو ٿڪيل چٽي رهيو آهي. آمريڪا کي افغانستان مان باعزت واپسي جو رستو گهرجي. هو چاهي ٿو ته افغان طالبان انهن سڀني سان گڏجي پاور شيئرنگ ڪري جيڪي ماضي ۾ آمريڪا سان گڏجي طالبان کي دهشتگرد قرار ڏيندا هئا. امريڪا ان مقصد جي لاءِ پاڪستان، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ذريعي طالبان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو ڪابل انتظاميه سان به ڳالهيون ڪن. ان صورتحال سان ايران کي تمام گهڻو فائدو ٿيو ۽ هو افغان طالبان جي ويجهو ٿي ويو آهي ڇو ته افغان طالبان ۽ ايران کي داعش جي صورت ۾ هڪ گڏيل دشمن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

صورتحال گهڻي نازڪ آهي. وزير اعظم عمران خان به افغان طالبان سان ملاقات ڪرڻ چاهيندو هو پر افغان طالبان في الحال اسلام آباد اچڻ جو ارادو ملتوي ڪيو ڇاڪاڻ  ته هو اشرف غني کي جديد دور جو بچي ويل سڪو سمجهن ٿا ۽ جيڪو به انهن کي بچي ويل سڪي سان گڏ ويهڻ جي صلاح ڏيندو آهي هو ان کي شڪست مليل سپر پاور جو خوش آمدي سمجهڻ تي مجبور آهن پر هو اھو  نه وسارين ته آمريڪي فوج جي نڪري وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ خانه جنگي جي شروعات افغانين جي لاءِ هڪ نئين مصيبت بڻجي سگهي ٿي. اها خانه جنگي افغانستان ۾ فساد پيدا ڪندي ۽ پاڪستان ان کان محفوظ نه رهي سگهندو، ان ڪري پاڪستان کي آمريڪا نه پر پنهنجو مفاد ڏسڻ گهرجي. پاڪستان جو مفاد اهيو آهي ته هو اڻ ڌريو رهي ۽ ڪنهن ڌر تي آمريڪا جي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري. پاڪستان کي رڳو سهولتڪار ٿيڻو آهي. سهولتڪاري جي نالي تي شڪست مليل سپر پاور ۽ ان جي باقيات کي رسوائي کان بچائڻ واري ڪوشش پاڪستان کي رسوا ڪندي، ان ڪري ان اهم تاريخي مرحلي تي اسان کي احتياط جي ضرورت آهي. اسان کي علامه اقبال جي افغانين سان محبت واري ڀرم کي قائم رکڻو پوندو. . . .

LEAVE A REPLY