سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز وڌيڪ 12 ڪلاڪن لاءِ بند

0
190
CNG Pumps Close

ڪراچي : سنڌ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، سئي سدرن ڪمپني سي اين جي اسٽيشنز کي وڌيڪ 12 ڪلاڪن لاءِ گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي.

سئي سدرن گئس ڪمپني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سڄي سنڌ ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ سبب گئس جي طلب وڌي وئي آهي، جنهن ڪري گئس پريشر ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي

سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشننز کي 24 ڪلاڪن جي معمول بندش کانپوءِ اڄ صبح 8 وڳي کلڻو هو پر سئي گئس عملدارن سڄي صوبي ۾ وڌيڪ 12 ڪلاڪن جي بندش جا حڪم جاري ڇڏيا آهن.

 عملدارن مطابق صبح 8 وڳي کلندڙ سي اين جي اسٽيشنز هاڻي رات 8 وڳي کولي ويندي.

 گهريلو واهپيدارن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي سپلاءِ معطل ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY