جبري برطرفين ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف صحافين جو احتجاج

0
110
Journalist Protest

ڪراچي: ميڊيا هائوسز مان ملازمن جي جبري برطرفين ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ صحافين طرفان احتجاج۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

 ميڊيا هائوسز مان ملازمن جي جبري برطرفين ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن به ڪراچي جي احتجاجي ڪيمپ ۽ ڌرڻي ۾ صحافتي تنظيمن، سول سوسائٽي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ هٿن ۾ احتجاجي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا، جنهن کانپوءِ احتجاج ڪندڙن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ميڊيا هائوسن ۾ ڪارڪنن جي مسلسل استحصال تي حڪومت جي مجرماڻي خاموشي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سڀ ڪجهه ڳٺ جوڙ سان ٿي رهيو آهي.

 هنن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان گُهر ڪئي ته هو صورتحال جو ترت نوٽيس وٺن.

 جوائنٽ ورڪرز ايڪشن ڪميٽي حڪومت کي الٽي ميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته پارليامنٽ هائوس سميت سموري ملڪ ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا.

LEAVE A REPLY