خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ پوليو وائرس جي تصديق

0
129
PolioVirusCase

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ سال 2019ع جي پهرين پوليو ڪيس جي تصديق ٿي آهي.

تفصيل مطابق خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ هلندڙ سال جي پهرين پوليو ڪيس جي تصديق ٿي آهي، باجوڙ ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ 6 پوليو ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت خاص مددگار بابر بن عطا سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پوليو ڪيس جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي قبائلي ضلعي باجوڙ ۾ يارنهن مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

هن چيو ته 2017-18 ۾ باجوڙ ۽ اهڙن ٻين ضلعن ۾ ڪا ڪارڪدگي نه هئي ۽ پوليو ڪيس رپورٽ نه ٿيڻ تي خوشيون ملهائي رهيا هئا.

باجوڙ ضلعي مان 7 پوليو آفيسرن کي لاپرواهي جي بنياد تي برطرف ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته لاهور ۽ فيصل آباد جي گٽرن جي پاڻي ۾ به پوليو وائرس موجودگي جي تصديق آهي ۽ اتي به پوليو ڪيس سامهون نه اچڻ تي خوشيون ملهايون پيون وڃن.

LEAVE A REPLY