سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست رد

0
66
Saad Rafique And Salman Rafique

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب احتساب عدالت جي جج نجم الحسن پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 نيب پاران ن ليگ جي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي پيش ڪيو ويو.

 نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته نيب کي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ستن ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.

عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

 عدالت سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY