خيرپور ڀرسان مسافر وين ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

0
178
Khairpur Accident

خيرپور (اسٽاف رپورٽر) خيرپور ڀرسان مسافر وين ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، حادثي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي پيا آهن.

ڄاڻ موجب لياري اسٽاپ لڳ پراڻي نيشنل هائي وي تي ٺري ميرواھ کان سکر ويندڙ  مسافر وين جو رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو.

رڪشا سان ٽڪر سبب مسافر وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ کان هيٺ ڪري پئي.

 حادثي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 4ڄڻا فوت ۽ 19کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن فوتين ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو  جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY