رسوائي نه آزادي کپي

0
110
Hamid Mir
حامد مير / سينيئر صحافي

ٻه اهم ڳالهيون ٻه اهم ماڻهن هڪ اهم اجلاس ۾ چيون. پهرين اهم ڳالهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي زبان مان نڪتي. هُن چيو ته انشاء الله اسان والاريل ڪشمير کي پنهنجي زندگي ۾ آزاد ٿيندي ڏسنداسين.

ٻي اهم ڳالهه رياست آزاد جَمون و ڪشمير جي چونڊيل وزيراعظم راجه محمد فاروق حيدر چئي، هُن ڏکايل لهجي ۾ چيو ته ڪشمير ڪاز کي جيترو نقصان اڳوڻي آمر پرويز مشرف پهچايو اوترو نقصان ڀارت جي هاڻوڪي وزيراعظم نريندر مودي نه پهچايو آهي. هي ٻئي اهم ڳالهيون هڪ اهڙي اجلاس ۾ چيون ويون جنهن ۾ هڪ وڏي عرصي کانپوءِ سياسي ۽ ديني جماعتن جي مرڪزي قيادت ڪشمير مسئلي تي مشاورت لاءِ موجود هئي. هِن آل پارٽيز مشاورتي اجلاس جو اهتمام جمعيت علماءِ اسلام ۽ متحده مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪيو هو.هن جي ساڄي پاسي مسلم ليگ (ن) جو چيئرمين سينيٽر راجه ظفر الحق ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجه فاروق حيدر ويٺل هئا. هُن جي کاٻي پاسي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ رياست آزاد جمون وڪشمير جو صدر مسعود خان ويٺل هئا. مرڪز ۽ ٻن صوبن جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هن اجلاس ۾ غير موجودگي نامناسب هئي جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت جي نمائندگي وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪري رهيو هو، جنهن جو تعلق ايم ڪيوايم پاڪستان سان آهي. ايم ڪيو ايم جو هڪ ٻيو اڳواڻ عامرخان به هن اجلاس ۾ موجود هو. وزيراعظم عمران خان جي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ به هن اجلاس ۾ وڏي ڀرپور انداز ۾ مظلوم ڪشميري قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اجلاس جي اصل اهميت هي هئي ته هتي والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت موجود هئي. والاريل ڪشمير وارن جي نمائندگي ڪندي سيد يوسف نسيم پنهنجي زخمي دل کي تَري تي ڪڍي اسلام آباد وارن جي سامهون رکي ڇڏيو جيڪو پاڪستان جي محبت سان معطر هو. آزاد ڪشمير جي طرفان راجه فاروق حيدر کان وٺي عبدالرشيد ترابي تائين سب هي پيغام ڏئي رهيا هئا ته اسان کي صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق ڪشمير جو حل کپي جيڪڏهن  ڪو هن معاملي تي ’’آئوٽ آف باڪس ‘‘ حل اسان مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 257 جي خلاف ورزي هوندو ۽ اسان کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه هوندو.

هن مشاورتي اجلاس ۾ بريلوي، ديوبندي، اهل حديث، ۽ شيعا علماء گڏ ويٺل هئا. تحريڪ اسلامي ۽ شيعا علماء ڪونسل جي سربراهه علامه سيد ساجد علي نقوي چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد ۽ قربانين فرقاواريت ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ پاڪستان جي عوام کي ڪشميرين جي حمايت ۾ هڪ ڀرپور عوامي تحريڪ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان ٻه سال اڳ به ڪشمير تي هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو هو. اُن وقت مولانا فضل الرحمان صاحب پارليامينٽ جي ڪشمير ڪميٽي جو سربراهه هو. هاڻي هُو پارليامينٽ جو ميمبر ناهي پر هُن يومِ يڪجهتي ڪشمير کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمير جي نالي تي رڳو سياسي و ديني جماعتن کي ئي نه پر اهڙين جماعتن کي به سڏايو جنهن تي پابنديون لڳي چڪيون آهن ۽ عام طور تي هِنن جماعتن جي نمائندن کي اهڙن اجلاسن ۾ نه سڏايو ويندو آهي جتي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي قيادت ويٺل هجي، پر هن مشاورتي اجلاس ۾ آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان، لياقت بلوچ، ساجد نقوي، راجه ظفر الحق، جماعت الدعوت جي مرڪزي اڳواڻ امير حمزا، انصار الامه جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خليل ۽ جي يو آئي سميع الحق گروپ جي مولانا شاهه عبدالعزيز هڪ ئي ميز تي موجود هئا. ایئن لڳي رهيو هو ته مولانا فضل الرحمان پابندي مڙهيل جماعتن ۽ قومي سياسي جماعتن وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن آصف علي زرداري چيو ته انشاء الله والاريل ڪشمير اسان جي زندگي ۾ آزاد ٿي ويندو ته ڪجهه عالمن هُن کي حيرانگي سان ڏٺو پر مون سان گڏ ويٺل مولانا محمد الياس چنيوٽي جي زبان مان نڪتو انشاء الله. ڪجهه ماڻهون زرداري صاحب جي لفظن  کي  هلڪو سياسي بيان قرار ڏئي نظر انداز به ڪري سگهن ٿا پر انھن  جي اهميت اُنهن کان پڇو جيڪي هر ايندڙ ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ جنازا کڻن ٿا ۽ پنهنجي جوانن ۽ بارڙن کي پاڪستان جي جهنڊي ۾ ويڙهي دفن ڪن ٿا. هن مشاورتي اجلاس کي پاڪستان بارڪونسل جي وائس چيئرمين ڪامران مرتضيٰ ٻڌايو ته  حڪومت اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيد فخر امام کي پارليمنٽ جي ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. فخر امام جي نالي تي اجلاس جي ڪجهه ميمبرن حيرانگي جو اظهار ڪيو. مولانا شاهه احمد نوراني جي پُٽ ۽ ايم ايم اي جي سيڪريٽري اطلاعات شاهه اويس نوراني پنهنجي تقرير ۾ چيو ته فخر امام کي ڪشمير ڪميٽي جو سربراهه ٺاهڻ جو فيصلو هڪ غير سنجيده حڪومت جي غير سنجيده ڪشمير پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو ڇوجو فخر امام جو ڪشمير مسئلي سان ڪڏهن به ڪو واسطو ناهي رهيو نه ڪڏهن هُو ڪشمير ڪانفرنس ۾ نظر آيو. جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ به هاڻوڪي حڪومت جي ڪشمير پاليسي کي غير سنجيده قرار ڏنو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجه فاروق حيدر چيو ته راجه ظفر الحق يا سينيٽر شيري رحمان ڪشمير ڪميٽي جي سربراهي لاءِ گهڻو مناسب هئي. هِن مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندڙن اڪثر ڳالهائيندڙن نوابزاده نصرالله خان، محترمه بينظير ڀٽو ۽ قاضي حسين احمد کي هر هر ياد ڪيو جنهن ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اٿارڻ لاءِ پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي. ڪجهه ڳالهائيندڙن لڪ ڇُپ ۾ ۽ ڪجهه کُلي خدشن جو اظهار ڪيو ته ڪجهه بيڪ ڊور چينلز مان هڪ دفعو ٻيهر مشرف جي هن چار نڪاتي فارمولي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي جنهن کي ڪشمير قيادت رد ڪري ڇڏيو هو. آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان هڪ اڳوڻو سفير آهي. هُن واضح ڪيو ته مشرف جي فارمولي ۽ هُن سان ملندڙ جلندڙ ڪوبه  فارمولو جنهن جو مقصد سرحدن جي بدلي بنا آزادي جي مطالبي کان دستبردار ٿیڻ ڪشميرين لاءِ قبولیت جوڳو ناهي. پاڪستان جي حڪمران اشرافيه کي آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم جي لفظن تي غور ڪرڻ گهرجي. هِن تاريخي حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته فوجي آمرن ڪشميرين کي هميشه نقصان پهچايو آهي ۽ ڀارت جي ڌوڪي باز حڪمران انهن پاڪستاني آمرن سان گڏجي ڪشميرين کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رھیا آهن. هاڻي عمران خان کي چيو ويو آهي ته ٿوڙو ڀارت ۾ عام چونڊن جو انتظار ڪيو. ان چونڊن ۾ بي جي پي کي کٽڻ ڏيو، مودي کي ٻيهر وزيراعظم ٺهڻ ڏيو پوءِ انهي مودي سان گڏجي مسئلي ڪشمير کي حل ڪيو ويندو. دليل هي آهي ته مودي پاڻ هڪ ڪٽر هندو بنياد پرست آهي ۽ پاڪستان سان مذاڪرات جي مخالفت ڪندڙن کي رڳو مودي ئي منهن ڏئي سگهي ٿو پر ڇا مودي مسئلي ڪشمير جي ڪنھن اهڙي حل تي راضي ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪشميرين جي چهرن تي مُرڪون وکيري ڇڏي؟

مولانا فضل الرحمان ٽي فيبروري تي مودي جي سرينگر دوري کان هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ڪشمير تي مشاورتي اجلاس جي ذريعي مودي جي دوري جي خلاف هڙتال جي سڏ جي حمايت به ڪئي ۽ انهن ڳالهين جي گهري نگراني جي منصوبه بندي به ڪري ورتي آهي جيڪي ڀارت ۾ عام چونڊن کانپوءِ نئي دهلي ۽ اسلام آباد ۾ شروع ٿيندڙ آهن. پاڪستان جي حڪمران اشرافيه ياد رکي ته ڪشميري پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڀارت کي کڏي چُڪا آهن، هو ذهني آزادي حاصل ڪري چڪا هاڻي انهن کي جسماني آزادي حاصل ڪرڻي آهي، فيصلو هو ڪري چُڪا آهن اعلان ٿيڻ باقي آهي ان لاء بيڪ ڊور چينل سان ڪو مشرف فارمولو نه هلندو، اهڙن فارمولن سان پاڪستان کي رُسوائي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو. . .

LEAVE A REPLY