پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشمير ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

    0
    351
    Kashmir Day

    اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشمير ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

    ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

    ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مُک تقريب پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ ڪهالا پُل تي ٿيندي جتي هٿن جي زنجير ٺاهي پيغام ڏنو ويندو جنهن ۾ پاڪستان جا وزير به شريڪ ٿيندا.

    پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل پڻ آهي.

    مختلف سياسي جماعتن پاران سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنس ڪوٺايون وينديون، جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ ڀارتي جارحيت کي عالمي برادري جي اڳيان اجاگر ڪيو ويندو.

    LEAVE A REPLY