ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ڊيرن سيمي جي ملاقات

0
138

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سان پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ۽ فرنچائز چيئرمين جاويد آفريدي ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڊيرن سيمي کي پاڪستان آمد تي ڀليڪار چيو.

ملاقات دوران ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڊيرن سيمي جي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان اچڻ ۽ پاڪستانين سان محبت واري جذبي جي واکاڻ ڪيون  ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران به ڊيرن سيمي کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.

ملاقات دوران پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ٽيم جي شرٽ پيش ڪئي.

LEAVE A REPLY