نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ قرارداد جمع

0
63
Nawaz Sharif

لاهور (ويب ڊيسڪ) نواز شريف کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جي غرض سان پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي مطالبي لاءِ قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

ن ليگ جي ميمبر حنا پرويز بٽ پاران قرارداد پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊجندڙ ميان نواز شريف دل جي بيماري ۾ ورتل آهي.

 سروسز اسپتال لاهور ۾ دل جي بيماري جو اسپيشل وارڊ ۽ خاص پروفيسر موجود ناهن، جڏهن ته حڪومت نواز شريف کي استحقاق موجب طبي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد ۽ سپريم ليڊر نواز شريف کي پرڏيهه علاج لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي .

LEAVE A REPLY