نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي طلب ڪري ورتو

0
117
Shahid Khaqan Abbasi

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو زيراعظم شاهد خاقان عباسي به نيب جي ريڊار تي اچي ويو، نيب شاهد خاقان عباسي کي طلب ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي سڏائي ورتو ، شاهد خاقان عباسي کا ايل اين جي ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.

 نيب شاهد خاقان عباسي کي جمعي جي صبح 11 وڳي راولپنڊي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ياد رهي ته گذريل سال نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻن وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي هئي.

LEAVE A REPLY