هاڻي اوهان واٽس ايپ کي فيس ۽ ٽچ آءِ ڊي سان لاڪ، اَن لاڪ ڪري سگھو ٿا

0
84
Whatsapp Future

ڪيلوفورنيا (ويب ڊيسڪ) هاڻي فون جي بايوميٽرڪ سيڪيورٽي فيچرز کي چهري (فيس) ۽ ٽچ آپشن ذريعي کولي ۽ بند ڪري سگھجي ٿو.

تفصيل موجب نائن ٽو فائيو نالي ويب سائٽ سڀ کان پهرين خبر ڏني آهي جيڪا واٽس ايپ جي ورجن 2.19.20 ۾ موجود آهي.

 اڪائونٽ سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي مينو ۾ تبديلي ڪري ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

اهڙي طرح کليل فون باوجود به ماڻهو توهان جو واٽس ايپ نه کولي سگھندا.

پر نوٽفيڪيشنز سيٽنگ ۾ اوهان خبردار رهڻو پوندو ڇو ته ان کي تبديل ڪرڻ کان سواءِ واٽس ايپ لاڪ ٿيڻ باوجود ڪو به ميسيج پڙهي سگھي ٿو ۽ ان جو جواب به ڏئي سگھي ٿو.

اهڙي طرح ايپ کي لاڪ ڪرڻ کان سواءِ ڪال موصول به ڪري سگھجي ٿي.

جيتوڻيڪ اهو فيچر هاڻي آءِ فون سافٽ ويئر آءِ او ايس لاءِ موجود آهي پر واٽس ايپ اشارو ڏنو آهي ته اهو ترت ئي اينڊروئڊ لاءِ به اها سهولت موجود هوندي.

LEAVE A REPLY