رمشا قتل ڪيس: جوابدار ذوالفقار وساڻ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
286
Rimsha Wassan Murder

خيرپور : معصون نياڻي رمشا وساڻ جي قاتل ذوالفقار وساڻ کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 خيرپور پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوٽڏيجي جي عدالت آڏو ذوالفقار وساڻ کي رمشا قتل ڪيس ۾ پيش ڪيو.

 پوليس عدالت کي جوابدار جي 14 ڏينهن جي لاءِ رمانڊ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي ذوالفقار وساڻ کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته خيرپور پوليس رمشا وساڻ جي قتل ڪيس جي مُک جوابدار ذوالفقار وساڻ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو.

LEAVE A REPLY