اداڪارا شلپا شندي جي سياست ۾ انٽري، ڪانگريس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

0
87
Shilpa Shinde

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ريئلٽي ٽي وي شو بگ باس کٽيندڙ اداڪارا شلپا شندي جي سياست ۾ انٽري،  ادڪارا شلپاڪانگريس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب ڀارتي ٽي وي جي مشهور سيريل ”بهابي جي گهر پر هين“ ۾ انگوري جو مشهور ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا شلپا شندي ڪانگريس اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ان ۾ باضابطا طور شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شلپا شندي جو چوڻ هو ته ڪانگريس جي قيادت منهنجي آجيان ڪئي آهي.

 سياست ۾ اچڻ جو مقصد اهو آهي ته مان راهول گانڌي کي ڀارت جي وزيراعظم طور ڏسڻ چاهيان ٿي.

LEAVE A REPLY