افغان مسئلي جي پر امن حل لاءِ پاڪستان سهڪار جاري رکندو: شاهه محمود قريشي

0
60

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان مسئلي جو پرامن حل ۾ سهڪار جاري رکندو،ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان چوندو رهيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي، ان جو واحد حل ڳالهين ذريعي سياسي مفاهمت آهي.

هن چيو ته اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته فوجي طاقت سان افغانستان ۾ امن قائم نه ٿي سگھندو، آمريڪا سياسي مفاهمت ۾ دلچسپي ورتي ته پاڪستان به مدد ڪئي، پاڪستان افغان مسئلي جي پرامن حل ۾ سهولت ڪاري جاري رکندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي، آمريڪي اختيارين پاڪستان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون، اسان پنهنجي ملڪ مان دهشتگردي کي پاڻان پٽن ۾ ڪامياب ٿياسين.

هن چيو ته افغانستان کي پنهنجي سرحد اندر گھڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪي مفاد لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ سميت ڪنهن سان به ملڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته آسيا بي بي آزاد آهي، هوءَ ملڪ ڇڏڻ چاهي ته ڇڏي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ رهڻ چاهي ٿي ته پاڪستان حڪومت هن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي، ڪنهن کي رياست جي رٽ چيئلينج نه ڪرڻ ڏينداسين.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته برطانيا دوري جو مقصد عالمي برادري ۾ ڪشميرين جو آواز اٿارڻ آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي صورتحال تي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته يو اين رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو، اسان آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ سڀني کي رسائي ڏني آهي ته هو اچن ۽ پاڻ صورتحال جو جائزو وٺڻ، اسان وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي جڏهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ان لاءِ اتي ڪنهن کي به رسائي ناهي ڏيندو.

LEAVE A REPLY